اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ هٿيارن جي چوري جي جوابدار جي ضمانت واري ڪيس ۾ ملڪ ۾ پابندي مڙهيل بور جي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس کي قلم 184 (3) تحت ڪيس رجسٽر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،عدالت حڪم ۾ چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي مردان پاران جاري ڪيل پيش ڪيل لائسنس عدالت کي ڏيکاريو ويو،حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڊي آءِ جي مردان ڪهڙي اختيار تحت ممنوع هٿيار رکڻ جو پرمٽ جاري ڪيو،ڇا ممنوع بور جي هٿيارن جو لائسنس جاري ٿي سگهي ٿو؟،سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن ممنوع هٿيارن جا لائسنس جاري ٿي سگهن ٿا ته ڪير ڪندو؟، ممنوع بور جي هٿيارن جا لائسنس جاري ٿيڻ جو تعداد ڪيترو آهي؟،سپريم ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته ڇا ممنوع بور جي هٿيارن جي لائسنس جي آسان دستيابي آئين جي آرٽيڪل 9 سان مطابقت رکي ٿي؟،حڪم نامي موجب سپريم ڪورٽ معاملي کي ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو ته هو جاچ ڪري ته ڇا اهو سيڪشن 184 (3) تحت اچي ٿو.سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي صوبائي گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جيز کان هڪ مهيني اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.










