ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون ) جون ۽ جولائي مھيني ۾ ناياب نسل ڇيلري مڇي جي وڪري ۽ ماري تي پابندي باوجود مڇي سان گڏ مڇي جي آنن (بيضن) جو وڪرو به جاري آهي. ڇار سو روپيا في ڪلو جي حساب سان ٽنڊوباگو ۾ سر عام وڪرو جاري آھي۔ جنهن سان ڇيلري مڇي جو نسل ختم ۽ تباھ ٿي رهيو آھي ۔ ڇيلري مڇي سميت ٻيون مڇيون جيڪي جون ۽ جولائي جي هن ٻن مھينن ۾ آنا ڏينديون آھن انھن جي ماري ۽ وڪري تي حڪومت پاران پابندي هجڻ باوجود اختياريون خاموش تماشائي بڻيل آھن ۔ پر فشريز کاتي وارا مڇي جي واپارين ۽ ڍنڍن ۽ تلائن جي مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري سر عام مڇي جي نسل ڪشي ڪري رهيا آھن۔ واضح رهي ته ضلعو بدين، خاص ڪري ٽنڊوباگو مڇي جي ڪري سڄي ملڪ ۾ مشھور آھي.










