ٽڪ ٽاڪ 1 ڪروڙ پاڪستاني ويڊيو ڊليٽ ڪري ڇڏيا

ٽڪ ٽاڪ 1 ڪروڙ پاڪستاني ويڊيو ڊليٽ ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)مقبول ترين وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ هن سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ پاڪستاني صارفين جون 15.2 ملين وڊيوز ڪميونٽي گائيڊ لائنز جي ڀڃڪڙي ڪندي ڊيليٽ ڪري ڇڏيون آهن.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ 2022ع جي پنهنجي پهرين ٽه ماهي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب پاڪستان ڪميونٽي گائيڊ لائينز جي ڀڃڪڙي ڪندي ڊيليٽ ڪيل وڊيوز جي حوالي سان عالمي سطح تي ٻئي نمبر تي آهي. رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ پاڪستاني صارفين جون 15.2 ملين وڊيوز ڊليٽ ڪيون آهن، پاڪستان ۾ 96.5 سيڪڙو وڊيوز ڏسڻ کان اڳ ئي ڊليٽ ٿي وينديون آهن ۽ 97.3 سيڪڙو وڊيوز 24 ڪلاڪن اندر ڊليٽ ڪيون وينديون آهن.روس-يوڪرين جنگ جي نتيجي ۾، ٽڪ ٽاڪ جي سيڪيورٽي ٽيم يوڪرين جي جنگ تي ڌيان ڏنو ۽ 41,191 وڊيوز کي حذف ڪيو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي. رپورٽ موجب آمريڪا سڀ کان وڌيڪ وڊيوز ڊليٽ ڪرڻ وارن ملڪن جي فهرست ۾ پهرين نمبر تي آهي، آمريڪا جون هڪ ڪروڙ 44 لک 44 هزار 2 سئو 24 وڊيوز ڊليٽ ڪيون ويون

پهنجو تبصرو موڪليو