ٽڪ ٽاڪ تي تصوير ۽ وائيس ميسيج موڪلڻ جي سهولت

ٽڪ ٽاڪ تي تصوير ۽ وائيس ميسيج موڪلڻ جي سهولت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)شارٽ وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ پنهنجي صارفين لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي، جنهن کان پوءِ هاڻي ايپ تي وائس نوٽس ۽ تصويرون يا وڊيوز موڪلڻ به ممڪن ٿي ويو آهي۔ ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ موجب، ٽڪ ٽاڪ جي نئين فيچر تحت صارفين هاڻي 60 سيڪنڊ تائين جي آواز رڪارڊ ڪري سڌو سنئون پيغام ۾ موڪلي سگهن ٿا۔ ان کان علاوه، هڪ ئي وقت ۾ 9 تصويرون يا وڊيوز گڏ موڪلي سگهجن ٿيون، پوءِ ڀلي اهي ڪئمري سان ورتل هجن يا موبائيل گيلري مان چونڊيل هجن۔ ٽڪ ٽاڪ جو چوڻ آهي ته هي تبديلي رڳو وڊيوز ڏسڻ ۽ شيئر ڪرڻ تائين محدود نه رهندي، پر ايپ کي روزمره ڳالهه ٻولهه لاءِ به هڪ سهولت بڻائي ڇڏيندي، بلڪل اهڙي طرح جيئن واٽس ايپ يا انسٽاگرام تي ڪيو ويندو آهي۔ صارفين جي حفاظت لاءِ ڪمپني هڪ شرط به لاڳو ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص پهريون ڀيرو توهان کي پيغام موڪلي ٿو ته هو پنهنجي ورتل تصوير يا وڊيو موڪلي نه سگهندو، پر رڳو ٽڪ ٽاڪ تي موجود مواد شيئر ڪري سگهندو۔ ڪمپني موجب، هي سهولت ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ سڀني صارفين لاءِ دستياب ٿي ويندي۔

پهنجو تبصرو موڪليو