ٽِڪ ٽاڪ تان پئسا ڪمائڻ جو طريقو

ٽِڪ ٽاڪ تان پئسا ڪمائڻ جو طريقو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)ٽِڪ ٽاڪ اها سوشل ميڊيا ايپ آهي جيڪا ويجهڙائي وارن سالن دوران تمام گهڻو تيزي سان مقبول ٿي آهي ۽ نوجوانن جو وڏو انگ ان ذريعي پئسا پڻ ڪمائي رهيو آهي.وڊيو شيئرنگ ايپ جي ماهوار واهپيدارن جو انگ ٻه هزار ايڪويهه ۾ هڪ ارب تائين پهچي چڪو هو ۽ ڪيئي نوجوان هن پليٽ فارم ذريعي ڏسندي ئي ڏسندي سُپر اسٽار بڻجي ويا ۽ لکين جي تعداد ۾ ماڻهو کين پسند ڪرڻ لڳا.پر ٽِڪ ٽاڪ ذريعي پئسا ڪمائڻ لاءِ اوهان جي فالوورز جو انگ لکن ۾ هجڻ ضروري نه آهي، حقيقت ۾ گهٽ فالوورز وارا اڪائونٽ به پئسا ڪمائي سگهن ٿا.ٽِڪ ٽاڪ ذريعي پئسا ڪيئن ڪمائجن ۽ ڪيترا فالوورز هجڻ ضروري آهي؟ ٽِڪ ٽاڪ طرفان ان ڏس ۾ ڪيئي پروگرامن جي آڇ ڪئي پئي وڃي جهڙوڪ ايڊ ريونيو شيئرنگ پروگرام، سبسڪرپشن فيچر فار اسٽريمرز، ورچوئل گفٽ پراڊڪٽس ۽ ٻيا شامل آهن. هر پروگرام لاءِ فالوورز ۽ وڊيو جو انگ مختلف آهي.
ٽِڪ ٽاڪ ڪرئيٽر فنڊ
ان لاءِ صارف جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال هجڻ ضروري آهي جڏهن ته ڏهه هزار فالوورز ۽ گذريل 30 ڏينهن دوران گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک وڊيو ويوز جهڙا شرط پورا ڪرڻا پوندا.
ايڊ اينڊ ريونيو شيئرنگ پروگرام يا ٽِڪ ٽاڪ پلس
ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال جڏهن ته هڪ لک فالوورز جو هجڻ ضروري آهي، اهڙي طرح گذريل 30 ڏينهن دوران گهٽ ۾ گهٽ پنج وڊيوز جو پوسٽ ٿيڻ به لازمي شرط آهي.
ٽِڪ ٽاڪ لائيو ذريعي سبسڪرپشن ريونيو
ان لاءِ 18 سال عمر ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار فالوورز لازمي شرط آهن. لائيو اسٽريم ۾ ورچوئل گفٽ حاصل ڪرڻ ان لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ عمر 18سال جڏهن ته هڪ هزار فالوورز جو شرط پورو ڪرڻو پوندو. ٻين وڊيوز تي گفٽس حاصل ڪرڻ ان پروگرام لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال جڏهن ته فالوورز جي انگ 10 هزار هجڻ ضروري آهي.
وڊيو تي ٽِپس
ان لاءِ 18 سال عمر ۽ هڪ لک فالوورز جو هجڻ ضروري آهي.
هڪ منٽ کان وڌيڪ ڊگهي وڊيوز وارو پروگرام
ان پروگرام تحت گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار فالوورز ۽ گذريل 30 ڏينهن دوران هڪ لک وڊيوز ويوز جو شرط پورو ڪرڻو پوندو، ها پر اِها ڳالهه پرڻ ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته ان پروگرام ( ان جو نالو ڪرئيٽويٽي پروگرام آهي) ۾ شامل ٿيڻ تي ڪرئيٽر فنڊ جو حصو بڻجڻ ممڪن نه هوندو.
ايفيڪٽ ڪرئيٽر پروگرام
هي پروگرام فلحال آمريڪا، فرانس، برطانيا، اٽلي ۽ جرمني جي واهپيدارن لاءِ دستياب آهي، ان ۾ شموليت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال هجڻ ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو