ٽي ٽي پي سربراهه خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو فيصلو

ٽي ٽي پي سربراهه خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي سربراهه نور ولي محسود جي تازي ڳجهي ڪال ليڪ جو فانزڪ ڪرائڻ کان پوءِ نور ولي محسود جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.19 جولاءِ تي نور ولي محمود جي ڳجهي ڪالهه سامهون آئي هئي، جنهن ۾ اهو احمد حسين عرف غٽ حاجي کي اسپتالن، سرڪاري ملڪيتن، اسڪولن کي ڌماڪي سان اڏائڻ جون هدايتون ڏئي رهيو آهي. ڪال ۾ پوليس ۽ فوجين جي گهرن کي مسمار ڪرڻ جون به واضح هدايتون ٻڌي سگهجن ٿيون.ميڊيا تي خبر اچڻ کان پوءِ سخت عوامي رد عمل جي نتيجي ۾ خوارجي ٽولي ڳجهي ڪال کي اي آءِ جنريٽڊ قرار ڏئي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ذريعن موجب لاڳاپيل اختيارين نور ولي محسود ۽ غٽ حاجي جي ڳجهي آڊيو ليڪ جو آفيشل فارنزڪ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انهي اهم ڪال جي فارنزڪ رپورٽ کان پوءِ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي سربراهه نور ولي محمود ۽ غٽ حاجي جي خلاف ڪري شموزئي ڊيره اسماعيل خان جي ڏوراهين هيلٿ سينٽر ۾ 15-16 جولاءِ تي معصوم ٻارن ۽ عورتن کي شهيد ڪرڻ تي انهن خارجين جي خلاف ملڪ اندر ۽ ٻاهر سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.خارجي ٽولي ۽ نور ولي محسود جي افغانستان ۾ لاڳيتو موجودگي ۽ اتان کان ويهي پاڪستان ۾ سڌو سنئون دهشتگردي ڪرائڻ تي عبوري افغان حڪومت سان سخت احتجاج به ڪيو ويندو. خوارجي دهشتگردن کي رياست پاڪستان جي خلاف لاڳيتو دهشتگردي ۽ سنگين ڏوهه ڪرڻ تي افغانستان مان پاڪستان جي حوالي ڪرڻ جو به فوري مطالبو ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان جي زمين پاڪستان جي خلاف لاڳيتو استعمال ٿي رهي آهي ۽ افغان عبوري حڪومت خواجي ٽولي جي دهشتگردانه سرگرمين کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. دهشتگردي جي لعنت کي جڙ کان ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان هر ممڪن حد تائين ويندو ته جيئن انهي ناسور کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو