سلهٽ(ويب ڊيسڪ) ٻئي ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي ٻي اننگز ۾ بيٽنگ جاري آهي ۽ قومي ٽيم ڪاميابي لاءِ 437 رنسن جي هدف جو تعاقب ڪري رهي آهي۔
437 رنسن جي هدف جي پٺيان پاڪستان چوٿين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تائين 7 وڪيٽن جي نقصان تي 316 رنسون ٺاهي ورتيون آهن۔ محمد رضوان 75 ۽ ساجد خان 8 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ آهن۔ پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ وڌيڪ 121 رنسون جڏهن ته بنگلاديش کي 3 وڪيٽون گهربل آهن۔
ان کان اڳ اڄ چوٿين ڏينهن جي شروعات پاڪستاني اوپنرن اذان اويس ۽ عبدالله فضل ڪئي، پر 27 جي مجموعي اسڪور تي عبدالله فضل 6 رنسون ٺاهي ناهيـد رانا جو شڪار بڻيو۔ ان کان پوءِ اذان اويس به 41 جي مجموعي اسڪور تي 21 رنسن جي اننگز کيڏي پويلين موٽي ويو۔
ٻن وڪيٽن جي نقصان کان پوءِ بابر اعظم ۽ شان مسعود سٺي ڀائيواري قائم ڪئي، پر بابر اعظم 52 بالن تي 47 رنسون ٺاهي تيج الاسلام جو شڪار بڻجي ويو، جڏهن ته شان مسعود 71 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو۔
واضح رهي ته سلھٽ ٽيسٽ ۾ بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 278 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 232 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ 46 رنسن جي خساري ۾ هلي وئي۔
بنگلاديشي ٽيم پنهنجي ٻي اننگز ۾ 390 رنسون ٺاهيون ۽ 46 رنسن جي برتري سان پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 437 رنسن جو هدف ڏنو۔










