ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سنڌ ۾ پنجاب جيان بجلي سستي ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت کي خط لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته سنڌ حڪومت کي به پنجاب جيان پنهنجي صوبي جي عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي. ڪامران ٽيسوري چيو ته سنڌ جي عوام کي پنجاب جيان بجلي جي بلن ۾ رليف نه مليو ته ان سان احساس محرومي پيدا ٿيندو. سنڌ حڪومت کي خط لکي رهيو آهيان ته اهي به صوبي ۾ بجلي سستي ڪرڻ جا فنڊ مقرر ڪن.










