ٽوئيٽر خريد ڪرڻ کانپوءِ ايلون مسڪ جو بيان

ٽوئيٽر خريد ڪرڻ کانپوءِ ايلون مسڪ جو بيان

لنڊن(ويب ڊيسڪ)دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئيٽر سان 44 ارب ڊالرن جو معاهدو ڪيو، جنهن کانپوءِ مسڪ ٽوئيٽر جو مالڪ بڻجي ويو.معاهدي موجب ايلون مسڪ ٽوئيٽر خريد ڪرڻ لاءِ 54.20 ڊالر في شيئر نقد رقم ادا ڪندو.رپورٽن مطابق ايلون مسڪ معاهدي کانپوءِ ٽوئيٽر جو واحد شيئر هولڊر بڻجي ويو آهي. دنيا ۾ ڪنهن به پرائيويٽ ڪمپنيءَ پاران ڪيل هي سڀ کان وڏو سودو آهي.جڏهن ته ٽوئيٽر جي خريداري کانپوءِ ايلون مسڪ جو بيان سامهون آيو جنهن ۾ هن چيو ته ”آزاد تقرير هڪ فعال جمهوريت جو بنياد آهي ۽ ٽوئٽر هڪ ڊجيٽل پليٽ فارم آهي جتي مستقبل جي اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي آهي“.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ايلون مسڪ چيو ته ”آئون ٽوئيٽر کي نوان فيچرز شامل ڪري وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهيان ٿو جڏهن ته يوزر جي اعتماد کي وڌائڻ لاءِ اوپن سورس الگورٿم ٺاهي ٿو.واضح رهي ته ايلون مسڪ ٽوئيٽر خريد ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪندي مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئٽر جي في شيئر قيمت 54.20 ڊالر ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي.رپورٽن مطابق گذريل هفتي تائين آفر تي بحث غير يقيني نظر اچي رهيو هو، پر پوءِ هفتي جي آخر ۾ مسڪ ٽوئيٽر جي شيئر هولڊرز کي پنهنجي آفر جي مالي تفصيل سان قائل ڪيو، جنهن کانپوءِ معاملو تيز ٿي ويو. دٻاءُ هيٺ، ٽوئيٽر بعد ۾ ايلون مسڪ سان ڪمپني کي 54.20 ڊالر في شيئر جي تجويز ڪيل قيمت تي وڪرو ڪرڻ لاءِ ڳالهين شروع ڪيو، ۽ سومر تي ڊيل کي حتمي شڪل ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو