ٽنڊو محمد خان ۾ دل جي سوراخ جو پهريون ڪامياب آپريشن

ٽنڊو محمد خان ۾ دل جي سوراخ جو پهريون ڪامياب آپريشن

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)شهيد بينظير ڀٽو ڪارڊيو اسپتال ۾ ننڍي عمر جي 3 سالن واري ٻار جي دل ۾ سوراخ وارو پهريون ڪامياب آپريشن ڪري سندس دل سان جڙيل رڳ کي جديد ٽيڪنالاجي واري مشين ذريعي بند ڪري معصوم ٻار جي حياتي کي ضايع ٿيڻ کان بچايو ويو آهي. آپريشن ۾ حصو وٺندڙ دل جي مرض جي ماهر ڊاڪٽر سعد بدر، ڊاڪٽر سهيل بنگش، ڊاڪٽر عبدالستار شيخ، ڊاڪٽر حسين بخش ۽ ڊاڪٽر غضنفر شاهه اسپتال جي انتهائي نگهداش آپريشن ٿيٽر ۾ بدين سان تعلق رکندڙ 3 سالن جي ٻار عباس علي ولد منور علي جي دل واري سوراخ جي رڳ جو ڪامياب آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم اين آءِ سي وي ڊي جي ڪانفرنس هال ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ جي ڪراچي واري اين آءِ سي وي ڊي جي اسپتال کانپوءِ سکر ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ دل جي سوراخ جي آپريشن جي سهولت فراهم ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ تمام جلد ٽنڊو محمد خان کانپوءِ حيدرآباد جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ به آپريشن جا انتظام ڪيا ويندا، سنڌ جي سمورن علائقن سان تعلق رکندڙ دل واري سوراخ جي مرض ۾ مبتلا ٻار پنهنجو آپريشن هاڻي آساني سان مفت ۾ ڪرائي سگهن ٿا. انهيءَ موقعي تي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال جي انچارج ميڊم نور بيبي شاهه پڻ موجود ھئي.

پهنجو تبصرو موڪليو