ٽنڊومحمدخان ۾ روڊ حادثو، عورتن ۽ ٻارن سميت 18 ڄڻا زخمي

ٽنڊومحمدخان ۾ روڊ حادثو، عورتن ۽ ٻارن سميت 18 ڄڻا زخمي

ٽنڊومحمدخان: (ن س) ٽنڊومحمد خان ڀرسان ڳوٺ پاٽار وٽ حيدرآباد کان بدين ويندڙ تيز رفتار ڪوسٽر جو ڪرين سان ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوسٽر تيز رفتاري سبب حادثي جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، ڪوسٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ٻارن سميت 18 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا.حادثي جي نتيجي ۾ حيدرآباد بدين روڊ جي ٽريفڪ معطل ٿي وئي. حادثي کان پوءِ مقامي ماڻهن وقت تي امدادي ڪارروايون شروع ڪندي زخمين کي حادثي جو شڪار ٿيل گاڏين مان ڪڍي اسپتال پهچائڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو.سجاول مين چوڪ تي وينن ۽ ڪوسٽرن جو بس اسٽاپ روڊ تي هئڻ ڪري ٽريفڪ جام سبب زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن. جڏهن ته ڊسٽرڪٽ اسپتال ٽنڊومحمدخان ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري زخمين جو علاج ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو