ٽنڊوآدم، روشن جوڻيجو اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

ٽنڊوآدم، روشن جوڻيجو اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

ٽنڊوآدم:(ن س) ٽنڊو آدم ۾ ڪلاسيڪل وڏيري مرحوم شاهنواز جوڻيجو جي فرزند اڳوڻي ايم اين اي محمد خان جوڻيجو جي ڀاء ۽ پ پ ايم اين اي علاءُالدين جوڻيجو جي والد ۽ پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي روشن الدين جوڻيجو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ۾ ڪلاسيڪل وڏيري مرحوم شاهنواز جوڻيجو جي فرزند ، اڳوڻي ايم اين اي محمد خان جوڻيجي جي ڀاء ۽ پ پ ايم اين اي علاء الدين جوڻيجو جي والد ۽ پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي روشن الدين جوڻيجو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفي شاھ، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي پٽ سيد عبدالقادر شاھ گيلاني، ايم پي اي ڄام شبير علي خان، ايم پي اي علي حسن هنڱورجو، اورنگزيب مري، اڳوڻي پ پ سينيٽر ملڪ امام الدين شوقين، شاهزمان شورو، ايس ايس پي سانگهڙ عابد علي بلوچ، محمد خان جوڻيجو، غلام مرتضي جوڻيجو، جهانگير جوڻيجو، فراز ڏيرو، جاويد ناياب لغاري، جاويد علي شورو، سانول ڏيرو، لالا ايوب سميت وڏي انگ ۾ مٽن مائٽن سياسي سماجي مذھبي اڳواڻن ۽ شهرين سميت علائقي واسين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو