ٽرينن ۽ جهازن جا ڀاڙا به وڌڻ جو امڪان

ٽرينن ۽ جهازن جا ڀاڙا به وڌڻ جو امڪان

اسلام آباد / لاهور(ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ٽرينن ۽ جهازن جي ڀاڙن ۾ واڌ جو امڪان ٿي ويو آهي، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا به وڌايا ويا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ ئي هفتي ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٻه ڀيرا واڌ ٿيڻ کانپوءِ ٽرينن جي ڀاڙن ۾ واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته جهازن جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪرڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي.ان ڏس ۾ ريلوي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽرينن اڪنامي ڪلاس، سليپر، اي سي اسٽينڊرڊ ۽ بزنس ڪلاس بوگين جي ڀاڙن ۾ واڌ ٿيندي، جنهن جي سمري اعليٰ اختيارين ڏانهن رواني ڪئي آهي. ٻئي طرف پي آئي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف ايئرلائنز طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ٿيڻ کانپوءِ ڀاڙن ۾ واڌ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، واضع رهي ته اڳ ئي ڀاڙن ۾ واڌ ۽ مسافرن جي کوٽ سبب ڪيترن ئي جهازن جي انتظاميا مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي، جڏهن ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ مسلسل قومي ۽ خانگي ايئرلائنز جا مالي خرچ خاص طور تي ٽرانسپورٽ جي خرچن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جنهن جو وزن به مسافرن تي وڌو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو