اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي شرعي عدالت جنس پرست جي تعريف تي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي طريقيڪار تي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.وفاقي شرعي عدالت ۾ ٽرانسجينڈر ايڪٽ خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته نادرا ٽرانسجينڈر مردن ۽ عورتن جو تعين ڪيئن ڪري ٿو؟ ان تي نادرا جي وڪيل چيو ته ٽرانسجينڈر ايڪٽ اچڻ سان نادرا ريگيوليشن 13 غير اثرائتو ٿي ويو آهي، ايڪٽ 2018 کان اڳ ٽرانسجينڈر مرد ۽ عورت جو شناختي ڪارڊ ٺاهيو ويندو هو، ٽرانسجينڊر ايڪٽ جي منظوري بعد سڃاڻپ ڪارڊ تي ٽرانسجينڊر لاءِ ايڪس لکيو ويندو هو. وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته نادرا ٽرانسجينڈر عورتن ۽ مردن جي تعريف ڪيئن ٺاهي؟ عدالت کي ٻڌايو وڃي ته نادرا ڪهڙي طريقي سان جنس پرست جو تعين ڪري رهيو آهي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته جنس پرست قانون سان ڪيترين ماڻهن کي فائدو ٿيو آهي؟ هينئر تائين، ٽرانس جينڈر ايڪٽ مان فائدو وٺندڙن جو تعداد صفر ٻڌايو ويو آهي.عدالت چيو ته انساني حقن واري وزارت کي جنس پرستن جي معاملي کي سنجيدگي سان ڏسڻ گهرجي.عدالت جنس پرست جي تعريف تي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي طريقيڪار تي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.










