مانجهند )رپورٽ مهراڻ عمراڻي( انڊس هاء وي تي ٿريشر هڻڻ لاء روڊ ڀرسان ويندڙ 3 مزدور حيدرآباد کان سيوهڻ طرف ويندڙ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موقعي تي فوت ٿي ويا. فوتين ۾َ سمن سرڪار واسي شامون ڪولهي سندس ڀاڻيجو جهڏو واسي پورهيت 30 ورهين جو آشن ڪولهي 25 ورهين جو ٽنڊو باگو واسي سئوٽ اجي ڪولهي شامل آھن جن جا لاش ھڪ ڪلاڪ تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا جنهن تي وارثن لاش رکي انڊس هاء وي تي ڌرڻو هنيو ت وڏا ڇڇر ايٽ سن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي سن اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هئڻ تي هڪ جي لاش کي پوليس موبائيل ۽ ٻن ڄڻن کي ننڍي ايمبولنس ۾ رکائي تعلقه اسپتال مانجهند کڻائي آندو جتي پڻ ڊاڪٽر ڊسپينسر ۽ ڊريسر عملو نه هئڻ سبب لاش 4 ڪلاڪ گاڏين ۾ پيل رهيا جنهن تي وارثن اسپتال گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو جنهن بعد اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر نورالله لاڙڪ پهتو ته فوتين جي وارثن سندس گهيراء ڪري سخت پڇاڻو ڪيو ايم ايس به کين داٻا ڏئي ڊي ايڇ او ۽ سيڪريٽري سان ڳالهائڻ تي زور ڏئي لاشن جي پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي لاشن کي اباڻن علائقن ڏانهن کڻائي ويا فوتي پورهيت سن ڀرسان هارپو ڪندا هئا. هوڏانهن ڊرائيور ٽرالر ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جڏھن ت واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو پوليس موجب ٽرالر ڊرائيور کي ننڊ جو جهوٽو اچڻ سبب روڊ کان هيٺ لهي ويو جنهن سبب حادثو پيش آيو.










