ٽام ڪروز جون فلمون شوق سان ڏسندو آهيان: شاهه رخ

ٽام ڪروز جون فلمون شوق سان ڏسندو آهيان: شاهه رخ

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي ڪنگ خان شاهه رخ خان انڪشاف ڪيو آهي ته کيس آمريڪي اداڪار ٽام ڪروز جون فلمون پسند آهن.شاهه رخ خان کي هندي فلم انڊسٽريءَ ۾ سڀ کان وڏو رومانوي هيرو قرار ڏنو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس مشهور پراجيڪٽس ’دل وارا دلھنيا لي جائيگي‘،۽ ’دل تو پاگل هي‘ آهن،رومانوي فلمن جي دلڪش هيرو شاهه رخ خان جو چوڻ آهي ته عجيب ڳالهه آهي ته منهنجي گهٽ ۾ گهٽ پسنديده فلمون رومانوي هونديون آهن.تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ شاهه رخ خان آمريڪي اداڪار ۽ فلمساز ٽام ڪروز ۽ سندس فلم ”مشن امپاسبل“ جي ساراهه ڪئي.”ڊنڪي“ اداڪاره چيو ته مون کي رومانوي فلمون پسند ناهن، مان اڪثر ايڪشن فلمون ڏسندو آهيان.ڀارتي ميڊيا ”ورائيٽي“ سان ڳالهائيندي شاهه رخ خان ٻڌايو ته هن فلمن مان ٿوري وقفي کانپوءِ ”پٿان“ ۽ ”جوان“ جهڙين ايڪشن فلمن سان واپسي ڇو ڪئي.شاهه رخ خان چيو آهي ته جڏهن مان ڪجهه وقت لاءِ فلمن کان پري هئس ته سوچيم ته اڄ تائين ڪا ايڪشن فلم ناهي ڪئي، اهو ئي سبب هو جو مان هڪ ئي وقت ٻه ايڪشن فلمون ڪري انڊسٽري ۾ واپس آيو آهيان.انٽرويو دوران شاهه رخ خان چيو ته مان جڏهن فلمون ڏسندو آهيان ته ان ۾ ايڪشن کان وٺي سائنس فڪشن، هارر ۽ ٿرلر تائين سڀ موضوع هوندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو