مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي) مانجهند ۾ ٽائون ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف آفيس کي تالا هڻي ڪم ڇڏ ھڙتال احتجاجي ريلي ڌرڻو نعريبازي علامتي بک هڙتال شھر ۾ گندگي جا ڍير تفصيل موجب مانجهند ۾ ٽائون ملازمن جو پنجن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري آفيس کي تالا هڻي ريلي ڪڍي مين چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪري ائڊمنسٽريٽر خلاف ڇتي نعريبازي وئي ان موقعي تي ملازم اڳواڻن نظر خاصخيلي جاني ڇڇر درياء خان برهماڻي منصور شورو شريف شيدي محمد آچر ڇڇر يوسف عمراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب ملازمن جون پنجن مهينن کان پگهارون بند آھن جڏھن ت گذريل 20 مهينن جون پگهارون پڻ رهيل آهن صفائي عملي پگهارون نه ملڻ سبب ڪم بند ڪري ڇڏيو آھي سندن گهرن کي باه لڳڻ سبب اله تله سڙي رک ٿي ويو آھي پر ائڊمنسٽريٽر کين سکڻو دلاسو به ناهي ڏنو جنهن سبب ٻچن جي لاء عيد خريداري ت پنهنجي جڳه تي پر ڦاڪاڪشي تي مجبور آھيون هاڻي دڪاندارن اوڌر ڏئڻ به بند ڪري ڇڏي آھي پر ائڊمنسٽريٽر آفيس اچڻ ڇڏي ڏنو آھي جنهن سبب شديد گرمين ۾ احتجاج ڪرڻ تي مجبور آھيون هنن چتاء ڏنو ت رمضان شريف جي پهرين هفتي ۾ ئي پگهارون نه ٿيون ت ڊي سي آفيس جو گهيراء ۽ انڊس هاء وي تي ڌرڻو هنيو ويندو علامتي بک هڙتالي ڪيمپ تي سياسي سماجي شخصيتن گهرام خان کوسو پير مشتاق احمد محسن خاصخيلي سميٿ وڏي تعداد ۾ شھرين شرڪت ڪئي هوڏانهن عملي جي ڪم ڇڏ ھڙتال سبب شھر ۾ ڪچري جا ڍير ٿي ويا جنهن سبب شھري ضروري ڪاغذ نه ملڻ سبب سخت پريشانن کي منهن ڏئڻ لڳا










