فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي او ڊي آئي سيريز هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچن تان کٽي ورتي. پاڪستان 3 ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻئي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي فتح لاءِ 270 رنسن جو هدف ڏنو هو، جيڪو هنن ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 59 بال باقي هئا ته پورو ڪري ورتو. اوپنر ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ سينچري اسڪور ڪئي، هو 7 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 119 بالن تي 123 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. مهمان ٽيم جو ٻيو اوپنر لوهان ڊري پريٽوريس 46 رنسون ٺاهي وسيم جونيئر جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو هو ۽ ٻيو آئوٽ ٿيندڙ رانديگر ٽوني ڊي زورزي هيو جيڪو 76 رنسون ٺاهي فهيم اشرف جي بال تي صائم ايوب هٿان ڪيچ ٿيو. ڪپتان ميثيو بريزڪي 17 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو.ان کان اڳ پاڪستان مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 269 رنسون ٺاهيون. سلمان آغا ۽ محمد نواز ترتيب وار 69 ۽ 59 رنسن سان نمايان رهيا. ٻئي ون ڊي انٽرنيشنل ۾، ڏکڻ آفريڪا پاڪستاني ٽاپ آرڊر بيٽسمينن کي اڏائي ڇڏيو.فيصل آباد جي اقبال ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. اوپنر فخر زمان صفر تي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان ترتيب وار 11 ۽ 4 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ پويلين واپس هليا ويا. هن وقت تائين 12 اوورن کيڏيا ويا آهن ۽ پاڪستاني ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 43 رنسون ٺاهي چڪي آهي. پاڪستان سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏني هئي، جڏهن ته سيريز جو ٻيو ميچ اڄ ۽ ٽيون ميچ ڇنڇر 8 نومبر تي اقبال اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.
مشهور خبرون










