ٻيهر پاڪستاني ٽيم جو ڪوچ ٿيڻ اعزاز جي ڳالهه آهي: بريڊ برن

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ گرانٽ بريڊ برن چيو آهي ته ٻيهر پاڪستاني ٽيم جي ڪوچنگ ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. گرانٽ بريڊ برن ميڊيا کي ٻڌايو ته هو پهريون ڀيرو 1990ع ۾ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ پاڪستان آيو هو.هن چيو ته ٽن سالن تائين پاڪستان ۾ ڪوچنگ ڪئي، تجربو شاندار رهيو، ٻيهر پاڪستاني ٽيم جي ڪوچنگ ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.گرانٽ بريڊ برن چيو ته هو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو