لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته مان ٻيهر جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان، گرفتاري وقت اوچتو ڪجهه ماڻهو ڪمانڊوز وانگر آيا، مون سمجهيو ته هو منهنجي حفاظت لاءِ آيا آهن.هڪ پرڏيهي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته جج جان کي خطرو هجڻ سبب مون کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏنو، جنهن طريقي سان سڀني کي ماريو ۽ مون کي گرفتار ڪيو اهو حيرت انگيز آهي، اڄ تائين ڪنهن سياستدان خلاف 150 ڪيس نه ٿيا.عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت سڀ کان هيٺين سطح تي آهي، بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، پوليس منهنجي گهر جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي، عدليه ئي واحد اميد آهي، حڪومت چونڊن کان ڊڄندي آهي، کين خبر آهي ته هو صفا ٿي ويندا. اهو ٿيندو، اهي چونڊون ڪرائڻ چاهين ٿا ته مان جيل ۾ آهيان يا ماريو ويو آهيان.هنن چيو ته مون کي مارڻ جون ٻه ڪوششون ڪيون ويون آهن، هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪريان ٿو.










