لاهور: (ويب ڊيسڪ) حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن جي بجلي جا بل معاف ڪري ڇڏيا. جڏهن ته توانائي واري وزارت ادا ڪيل بلن جي رقم واپس ڪرڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب وفاقي وزير پاور ڊويزن سردار اويس احمد خان لغاري ٻوڏ متاثر علائقن جا بجلي جا بل معاف ڪرڻ تي بيان ڏيندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي وقت تي ۽ عوام دوست فيصلي تي ٿورائتا آهيون.هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آگسٽ جي بجلي جا بل معاف ڪيا ويا آهن جن ماڻهن بل ادا ڪيا انهن کي جمع ٿيل رقم واپس ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرعلائقن جي بجلي جا بل معاف ٿيڻ جي فيصلي تي فوري عملدرآمد کي يقيني بنايو ويندو.ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوامي رليف جي لاءِ وڏو قدم کڻندي آگسٽ جي بجلي جي بلن جي وصولي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو.وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو هو ته شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ بجلي جي بلن جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين کي ٻوڏ ماثر علائقن ۾ صارفين کان آگسٽ 2025 جي بجلي جي بلن جي وصولي کان فوري طور تي روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) سان معاملا طئي ٿيڻ کان پوءِ متاثر علائقن جي لاءِ بجلي جي بلن جي حوالي سان تفصيلي پيڪيج جو حتمي اعلان ڪيو ويندو.وزيراعظم چيو ته جن ٻوڏ متاثر صارفين کان آگسٽ 2025 جو بجلي جو بل وصول ڪيو ويو آهي ايندڙ مهيني ايڊجسٽ ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻوڏ پوري پاڪستان ۾ لکين ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي. مشڪل جي هن وقت ۾ عوام جي ڏکن تي مرهم رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا پنهنجون سموريون ڪوششون ڪري رهيا آهن جيستائين ٻوڏ متاثر پنهنجن گهرن ۾ واپس نٿا وڃن اسان سک سان نه ويهنداسين.










