اسلام آباد: (بيورو) پاڪستان جي حڪومت آمريڪا، برطانيه، فرانس ۽ جرمني سميت 7 ملڪن جي 15 اين جي اوز کي پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب ان تنظيمن ۾ برطانيه جي ٽيئر فنڊ، مسلم بينڊز، بيلپيج انٽرنيشنل، هيومن اپيل ۽ ڪشمير آرفن ريليف شامل آهن. آمريڪي اين جي او ڪيئر انٽرنيشنل، مرسي ڪور، ڪيٿولڪ رليف کي به پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. فرانس جي اين جي اوز سيڪيور اسلامڪ فرانس، ايم ايس ايف، ترڪي جي معارف فائونڊيش، جاپان جي اي اي آر ۽ ڪي اين ڪي کي به متاثرين جي امداد لاءِ پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي.حڪومت طرفان پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ ڪم ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪندڙ اين جي اوز ۾ جرمني جي لائف لائن ڪرسچين ڊوالپمينٽ ۽ سي بي ايم اي وي شامل آهن.پاڪستان جي حڪومت طرفان انهن اين جي اوز کي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ڪم جي اجازت ڏني وئي آهي.










