ٻوڏ متاثرن جي ڪا مدد نه ٿي، فنڊ هڙپ،احتجاج

ٻوڏ متاثرن جي ڪا مدد نه ٿي، فنڊ هڙپ،احتجاج

ڪلوئي (ن سنڌ يار)ڪلوئي ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڪا مدد نه ٿئي ضلعي انتظاميا فنڊ هڙپ ڪري وئي ڀٽن تي ويٺل ماڻهن کي پئيڻ جو پاڻي به نه مليو تعلقي ڪلوئي جي مختلف اسپتالن ۾ نو سئو مليريا جا ڪيس رپورٽ ٿيا ڊي ايڇ او مڇر مار اسپري به نه ڪرائي سگهيو رهواسي راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور بڻيل خبر موجب ڪلوئي تعلقي ۾ برسات کانپوءِ ايل بي او ڊي سم ۽ نالن جي پاڻي وڏو نقصان ڪيو آهي هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿي روڊ ڪنارن تي ويٺل آهن پر هن محل تائين ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر پاران ڪنهن به متاثر کي نه راشن ڏنو آهي نه وري ڪو ٽينٽ ڏنو آهي جنهن ڪري ٻوڏ سٽيل ماڻهو بي يارو مددگار بڻيل آهن جڏهن ته ڊي ايڇ او مٺي پاران ڪلوئي تعلقي جي ڪنهن به ڳوٺ ۾ نه مڇر مار اسپري ڪرائي سگهيو آهي نه وري ڪٿي مڇر دانيون ڏنيون آهن جنهن ڪري هن محل تائين ڪلوئي تعلقي جي مختلف اسپتالن ۾ نو سئو کان وڌيڪ مليريا جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن هتي جي رهواسين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ۾ مڇر مار اسپري ڪرائي ۽ کين مڇر دانيون ۽ راشن ڏنو وڃي ته جيئن هي ماڻهو وڌيڪ آزار کان بچي سگهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو