ٻولي تهذيبن جي ماءُ ۽ ٽقافت قومن جي سڃاڻپ

ٻولي تهذيبن جي ماءُ ۽ ٽقافت قومن جي سڃاڻپ

طفيل مگسي
ٻولي اها شيء آھي جيڪا سماجي نفسيات جي جوڙجڪ ڪندي آھي يعني ٻولي ۽ معاشرتي قدرن جو ڳانڍاپو ڳنڍير جي ڳنڍين جيان هوندو آھي.جنهن جي هڪ ڳنڍ کي ڇني ڇڏبو ته ڳنڍير جو وجود ئي نه رهندو.معاشي روايتن.ڪلچر ۽ سوچڻ جو انداز اهو سڀ ڪجه ٻولي ئي طئي ڪندي آھي.جديد لساني نفسيات ۾ انهيء ٿيوري کي(language ddeterminism)سڏين ٿا. ڇاڪاڻ ته ٻوليء جي ارتقا هڪ خاص جغرافيائي علائقي ۾َ اتان جي ماحول جي سبب کان ٿيندي آھي.ان ڪري ٻللي انهيء علائقي جي ذھني ڪيفيت جو اظھار بڻجي وڃي ٿي.جڏھن علائقي جي ماڻھو ٻاهرين ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪن ٿا ته انهن جي ذھني صلاحيتن تي ان جا اثر پون ٿا.ان سماج جي اخلاقيات ۽ قدرن ۾ ٽوڙ ڦوڙ شروع ٿي وڃي ٿي.جيڪا اڪثر معاشرتي زوال ۽ بربادي جو صورت ۾ سامهون اچي ٿي.اسان مصر جو ئي مثال وٺون ٿا يعني ڪيڏي نه شاندار تهذيب هئي مصر جا ماڻھو جيڪي انساني تهذيب جي شروعات ڪرڻ وارن ماڻھن منجهان هئا.پنج هزار سال پهرين هن قوم علم رياضي.جيوميٽري.آرڪيٽيڪچر .زراعت.صنعت .لکڻ پڙھڻ۽ اسٽرانومي ۾ ڪهڙي شاندار ترقي ڪئي هئي.اهرام مصر انهن جي ڏاھپ ۽ قابليت جا جيئرا جاڳندا مثال آھن.مگر بعد ۾ ڇا ٿيو ته اسڪندر مرزا جي هٿان مصر جي فتح کانپوء هنن پنهنجي ٻولي ڪوپٽڪ ڇڏي ڪري يوناني ٻولي اختيار ڪري ورتي.ٻوليء جي تبديلي سان گڏ ئي شاندار مصري تهذيب ختم ٿي وئي.ايندڙ پنج سو سالن تائين رومين جو قبضو رهيو.ان کانپوء عرب اچي ويا ۽ تڏھن کان مصري عربي ڳالهائڻ لڳا ۽ ھاڻي انهن جي ڪوپٽڪ سڃاڻپ به ختم ٿي وئي بلڪ اهي عربي بڻجي ويا.ماڻھو ساڳيا ئي آھن.مگر ڪيڏانهن وئي انهن جي قابليت ۽ انهن جي ترقي ۽ انهن جي شاندار تهذيب؟؛
ساڳيو مثال عراق و شام جو پڻ آھي.پراڻي زماني ۾ ميسو پوٽيما ڪيتري نه شاندار تهذيب هئي.انهن جي طاقت جي اڳيان ڪا پاڙيسري قوت ٽڪي نه سگهندي هئي.لکڻ جي ايجاد ڪرڻ وارا اهي ئي ماٻھو هئا.مگر جڏھن پنهنجي سميري.اڪادي.بابلي .آشوري ٻوليون ڇڏي ڪري عربي ڳالهائڻ لڳا آھن.قوميت به بدلجي وئي ۽ سماجيات پڻ.شاندار تهذيب به ماضيء ۾ وڃائجي وئي.ساڳيو ئي حال آرامي اسپيڪنگ شامين.ڪعناني ۽ عبراني ڳالهائڻ وارن فلسطينين جو ٿيو.پنهنجي ٻولي ڪلچر ڇڏي ڪري اڄ ذليل و رسوا ٿي رهيا آھن.جڏھن ته انهن جي ويجهو ئي ايراني آھن.جن هن عرب سامراجيت جي دوران پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر کي ڪافي حد تائين بچائي رکيو.اهوئي ڪارڻ آھي ته انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ پنهنجي قوميت ۽ مزاحمت جا احساس موجود آھن.اهي هڪ زنده قوم آھن ۽ جيڪي جي باوجود هڪ زنده قوم جو ثبوت وقت به وقت ڏين ٿا.چين جي تهذيب به اٽڪل ايتري ئي پراڻي آھي.جيتريون ميسو پوٽيما ۽ مصر جون تهذيبون.مگر چينين هڪ ڪم ڪيو.هنن گذريل پنج هزار سو سالن کان پنهنجي ٻولي تبديل نه ڪئي.وچ ۾ انهن تي به ڪجه عرصو زوال آيو.مگر ڇاڪاڻ ته انهن وٽ پنهنجي پراڻي ٻوليء جو پاور هو.وري پانهنجن پيرن تي بيهي رهيا.اهي پنهنجي شاندار ماضيء کي پنهنجي عظيم.تهذيب کي تسيلم ڪن ٿا ۽ انهيء تي جديد گهرجن جي مطابق هلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.نتيجين اهي هڪ پنهنجي قوم آھن؛جڏھن ته ثقافت قومن جي سڃاڻپ هوندي آھييعني ٻولي ۽ ثقافت ٻئي ڪنهن به قوم جي وجود جي لاء لازم.و ملزوم هونديون آھن.اسان جي سنڌي ٻولي ۽ ثقابت دنيا جي ڪجه عظيم.تهذيبن جون اهڄاڻ رهيون آھن.ليڪن بدقسمتي سان اسان جي رياست اردو کي زبردستي قومي ٻولي بڻائي ڪري اسان جي مٿان مڙھي ڇڏيو آھي.اردو اصل ۾ انگريزن جو ڀيناڪ تحفو آھي.اسان جي انڊس ويلي ۾ اردو جو ڪو وجود ئي نه.1857ع کانپوء اردو کي اسان جي مٿان مڙھيو ويو.اردو اصل ۾ هندي جو ئي مسلم ورزن آھي.ڇاڪاڻ ته ان جو تعلق گنگا جمناجي ٻٽي وهڪري سان آھي.ان ڪري اسان جي انڊس ويلي جي لاء اها ٻاهرين ٻولي آھي.ان جي پرورش ۽ جنم اترپرديش ۾ ٿي.ان جي لاء ان سان گڏ جيڪي معاشرتي قدر ڳنڍيل آھن.اهي اسان جي سماج کان بلڪل مختلف آھن.ان ڪري ئي اسان جو ملڪ پاڪستان مختلف مسئلن جو هڪ وڏو ڍير بڻجي چڪو آھي.صرف هڪ ٻوليء جي بدلجڻ جي سبب کان ائين ئي ٿيندو آھي.جنهن کان اسان جي قوم اڪثر اڻواقف آھي.ڇاڪاڻ ته اسان جي انگريزي ڪولو نسٽن اهڙي ڄٽڪي تربيت ڪئي آھي.مٿيين سموري بحث منجهان اهوئي تت نڪري ٿو ته ٻولي تهذيبن جو ماء ھوندي آھي ۽ جڏھن ٻولي جو خاتمو ڪيو وڃي ٿو ته ڄڻ تهذيبن جو خاتمو ٿي وڃي ٿو ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو