سکر (ن س ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر پاران لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ بدامني بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي گهروکاتي سنڌ جو سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو ۽ ٻيا پيش ٿيا، جسٽس صلاح الدين پنهور ان دوران چيو ته سردار ڏوهارين سان مليل آهن، ايس ايس پي سکر ٻڌائي ته ڪهڙي سردار جي سي ڊي آر ڪڍرائي وئي آهي جسٽس صلاح الدين پنهور جو چوڻ هو ته ڀلي امن لاءِ فوجي آپريشن ٿئي، گهرو سيڪريٽري صاحب ۽ پوليس آفيسر ڇا فيميلي سان انهن علائقن ۾ وڃي سگهن ٿا جتي عام ماڻهو سفر ڪن پيا وڪيل قربان علي ملاڻو جو چوڻ هو ته جيڪي سردار پوليس آفيسرن جي پوسٽنگ ڪرائيندا پوءِ انهن ۾ اهي آفيسر هٿ ڪيئن وجهندا، سردار، ايم اين اي، ايم پي اي ۽ ڏوهاري هڪ پيج تي آهن تڏهن ته هٿيار اچن پيا، ايس ايس پي سياسي ماڻهن جي بنگلن تي وڃي ويهي ڊڪٽيشن وٺندا ته پوءِ امن ڪٿان ٿيندو جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جيڪڏهن ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ آزاد ٿي ڪم ڪرڻ چاهي ته ان کي ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن پوليس آفيسر بيوس آهن ته پوءِ کين هليڪاپٽر به ڏجي تڏهن به اهي ڪجهه نه ڪري سگهندا جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ڇا ڪندا هي سوين وڪيلن جو ڪيس آهي جيڪي ڪيس وڙهن پيا ٻئي ڪنهن غريب جي وس کان به ٻاهر آهي، ڏوهاري ڪلچرل 1996 کان پوءِ طاقتور ٿيو آهي اڄوڪي سنڌ اها ناهي رهي،ايس ايس پي تنوير تنيو جو چوڻ هو ته ملٽري هٿيار ابابيل ۽ ٻيا ملن ته آءُ ذميواري سان چوان پيو ته ڏوهارين کي قابو ڪري وٺنداسين جيڪڏهن نه ڪري سگهيس ته اسيتعفي ڏئي ڇڏيندس، جديد هٿيار افغانستان مان سنڌ ۾ اچن پيا، ڏوهارين وٽ جديد هٿيار آهن جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته سرڪار جو خرچ ڪرائڻ بدران 2 کان 10 سردارن کي گرفتار ڪري جيل وڌو وڃي ته پاڻ ئي ڏوهاري گرفتاري پيش ڪندا، جديد هٿيار وٺڻ جي پهچ ڏوهارين جي ناهي ان ۾ سردار ملوث آهي انهن کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي رابطن کي وائکو ڪيو وڃي عدالت جو چوڻ هو ته شڪارپور ۾ ايس ايس پي رضوان رهيو هو جنهن کوڙ ڳالهيون ظاهر ڪيون هيون هاڻي ڊي آءِ جي سکر ۽ لاڙڪاڻو اسان کي اهو ٻڌائن ته ڪهڙن علائقن ۾ ڪهڙا هنڌ حساس آهن اتي رينجرز مقرر ڪرائينداسون جسٽس صلاح الدين پنهور جو چوڻ هو ته اسان خاموش نٿا ويهي سگهون هي حالتون برداشت نه ٿيون ڪري سگهجن ڇا اوهان چاهيو پيا ماڻهن جا ريپ ٿيندا رهن. ڦرندا. اغوا ۽ قتل ٿيندا رهن ۽ سنڌ برباد ٿيندي رهي ان دوران گهروکاتي جي سيڪريٽري سعيد احمد مڱڻيجو عدالت آڏو ڪلمو پڙهي ٻڌايو ته قسم سان چوان پيو جن ويڊيوز ۽ معاملن تي هتي ڳالهيون ٿين پيون ان بابت پوليس آفيسر وڏي وزير وٽ ميٽنگ ۾ آگاهه نٿا ڪن عدالت بدامني ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ ۽ گهروکاتي جي وفاقي سيڪريٽري کي 2 مارچ تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سنڌ ۾ سرڪاري عمارتن ۽ ٻين هنڌن تان سردارن، ڀوتارن ۽ سياستدانن جا نالا هٽائڻ جو حڪم
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ صوبي ۾ سرڪاري عمارتن ۽ ٻين هنڌن تان سردارن، ڀوتارن ۽ سياستدانن جا نالا هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل بينچ سرڪاري پئسن سان ڀوتارن جا عمارتن تي نالا لکڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي عدالت چيو ته نالا نه هٽايا ويا ته انهن سردارن، ڀوتارن ۽ سياستدانن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏينداسين جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ۾ چيو ته پ پ سکر جو صدر مشتاق سرهيو جيئرو آهي يا شهيد ٿي ويو؟ عدالت چيو ته عمارتن تي ايم آر ڊي تحريڪ جي شهيدن جا نالا به رکيا وڃن ها ته قبول هو، جن جون خدمتون آهن انهن جا نالا رکيا وڃن، نالا نه هٽايا ويا ته خورشيد شاهه، اسلام الدين شيخ ۽ ٻين سياستدانن خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين










