ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو،عورت فوت

ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو،عورت فوت

نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)مٺياڻي لڳ ڀورٽي جي ڪچي واري علائقي ۾ گذريل ڏينھن ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جھيڙي جي نتيجي ۾ ھڪ عورت مسمات شريفان ڀرٽ گوليون لڳڻ سبب فوت ٿي وئي جنھن جو ڪيس داخل ڪرڻ لاء سندس وارثن پاران لاش مٺياڻي ٿاڻي اڳيان رکي احتجاج ڪيو ويو ـ ان موقعي تي فوتي عورت مسمات شريفان ڀرٽ جي ڀاء عبدالغني ڀرٽ جو چوڻ ھو تـ اسان جي گھرن تي جمعي ڀرٽ وارن حملو ڪيو ۽ انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ اسان جي ڀيڻ قتل ٿي وئي آھي جنھن جي ايف آء آر داخل ڪرائڻ لاء مٺياڻي ٿاڻي تي پھتا آھيون جڏھن تـ مٺياڻي پوليس اسان جي ايف آء آر داخل ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آھي ـ ٻئي پاسي ايس ايڇ او مٺياڻي جو چوڻ آھي تـ واقعو ڪوٽ مٺا ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو آھي جنھن ڪري اسان ان واقعي جو ڪيس داخل نٿا ڪري سگھون ان واقعي جي اين سي ڪوٽ مٺا تي اڳ ۾ ئي داخل ٿيل آھي ـ ھوڏانھن ڪوٽ مٺا پوليس معقف اختيار ڪندي ٻڌايو تـ فريادي ڌر اڃا اسان وٽ پھتي ناھي جنھن ڪري اسان ھن وقت تائين ايف آء آر داخل ناھي ڪئي فريادي ايندا تـ ڪيس داخل ڪنداسين ـ

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو