شهدادڪوٽ( ڊ ر) شھدادڪوٽ اي سيڪشن پوليس جون مختلف ھنڌن تي ڪارروائيون 2 الڳ الڳ قتل ڪيسن ۾ گهربل 4 جوابدارن ۽ اي ٽي ايم ڀڃڻ واري ڪيس ۾ ھڪ ڄڻي سميت 5 جوابدار گرفتار ڪري وٽس ھٿيار ھٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي. ڊي ايس پي شھدادڪوٽ عبدالواحد ٻرڙو ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن طفيل احمداڻي ڊي ايس پي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ بشير احمد بروهي جي خاص ھدايتن تي 4 مھينا اڳ قتل ٿيل نظام الدين ڀٽي جي قتل ڪيس ۾ گهربل 3 جوابدارن بخشڻ عرف نواب ڀٽي، بشير ڀٽي ۽ صابر ڀٽي کي پنجاب جي علائقي اٽڪ مان ٽن پسٽل سميت گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته شھدادڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ قتل ٿيل مراد بروهي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار بھادر جويو کي پسٽل سميت ڪرم خان پئٽرول پمپ وٽان گرفتار ڪيو آهي ھوڏانھن ڪجھ ڏينهن اڳ اي ٽي ايم مشين کي ڀڃڻ واري ڪيس ۾ جوابدار امجد منگي کي پڻ ڊرٻ محلا مان گرفتار ڪيو آهي










