ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)عيد جي موقعي تي سمنڊ جي ڪناري تي پڪنڪ ملهائڻ جو جوش، 3 کلندڙ گهر ويران ٿي ويا. پپري جي علائقي مان عيد ملهائڻ لاءِ آيل ٻه ڀائر سمنڊ ڪناري ٻڏي فوت ٿي ويا. ٻئي طرف ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته لانڍي جو رهواسي 6 ورهين جو فيصل به سمنڊ ۾ ٻڏي ويو، ريسڪيو عملدارن موجب گلشن حديد مان آيل نوجوان سونو جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻئي نوجوان دانيال جي ڳولا جاري آهي. سمنڊ ۾ ٻڏي فوت ٿيل ٻارڙن جي وارثن ٻڌايو ته ڇوڪرن جون زندگيون بچائي سگهجن پيون، ريسڪيو ٽيمن کي به اطلاع ڏنو ويو پر انتظاميه فوري ڪارروائي نه ڪئي.










