ٻن سالن ۾ پاڪستان ۾ غربت وڌي ويندي، عالمي بئنڪ

ٻن سالن ۾ پاڪستان ۾ غربت وڌي ويندي، عالمي بئنڪ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي بئنڪ خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ ٻن سالن ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ خاص ڪري پاڪستان ۾ غربت ۾ اضافو ٿيندو. ڏکڻ ايشيا اڪنامڪ فوڪس جي عنوان سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ معاشي واڌ جي شرح يعني جي ڊي پي0.5 سيڪڙو رهندي، جيڪا گذريل ٽن سالن دوران سراسر طور 4 سيڪڙو رهي هئي. ڪورونا وائرس سبب دنيا معيشتن کي ڌڪ لڳو آهي ۽ پاڪستان به متاثر ٿيو آهي. پاڪستان ۾ اقتصادي شرح نمو 2020 ۾ به 1.3 سيڪڙو ئي ٿي سگهي ٿي ان ڪري غربت ۾ اضافو ممڪن آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو