ٻن سالن بعد پولو گرائونڊ ۾ عيد نماز جو انتظام مڪمل

ٻن سالن بعد پولو گرائونڊ ۾ عيد نماز جو انتظام مڪمل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پولوگرائونڊ ۾ عيد الفطر جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، جتي عيد الفطر جو سڀ کان وڏو اجتماع ٿيندو، ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ترجمان علي حسن ساجد موجب هن سال عيد الفطر جي نماز لاءِ وڏي پئماني تي انتظام ڪيا ويا آهن ۽ اسلامي ملڪن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ سمورن اسلامي ملڪن جا جهنڊا لڳايا ويا آهن، صفائي جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، ميونسپل کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته عبادت ڪندڙن جي استقبال لاء اسپيشل فلاور گيٽ تيار ڪيو ويو آهي ۽ جراثيم ڪش دوا سان اسپري به ڪيو وڃي، نمازين لاءِ وضو جو انتظام نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سيڪورٽي جا انتظام به ڪيا ويا آهن، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت جي قانوني صلاحڪار ۽ ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي سيد افضل زيدي، ڪي ايم سي جي مختلف کاتن جا آفيسر، ۽ ٻيا ملازم عيد جي نماز هتي ادا ڪندا، مختلف اسلامي ملڪن جا سفارتڪار، موجوده ۽ اڳوڻا وفاقي ۽ صوبائي وزير، قومي اسيمبلي ميمبر، صوبائي اسيمبلي،سيڪريٽريز، مختلف سياسي پارٽين جا اڳواڻ، اعليٰ حڪومتي عهديدار ۽ شهرين جو وڏو انگ انگ گلشن جناح پولو گرائونڊ ۾ عيد جي نماز ادا ڪندو، گذريل ٻن سالن کان ڪورونا سبب عيد جي نماز اتي ادا نه ٿي سگهي هئي پر هن سال هي روايتي ۽ قديم اجتماع منعقد ڪيو پيو وڃي. عيد الفطر جي نماز جو هي اجتماع ڪي ايم سي جي انتظام هيٺ 1958ع کان منعقد ٿي رهيو آهي، عيد نماز جو امامت خطيب جامع مسجد ڪي ايم سي مولانا محمد احمد سليمي ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو