ٻنهي ٻانهن کان محروم سنوڪر جي چيمپئن جو چيلنج

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٻنهي ٻانهن کان محروم سنوڪر محمد اڪرم پنهنجي صلاحيتن سان دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. محمد اڪرم پيدائشي طور ٻنهي ٻانهن کان محروم هئڻ باوجود ننڍپڻ کان ئي پنهنجي دل ۾ سنوڪر جو شوق رکندو هو ۽  لڪي لڪي ٿورو کيڏڻ جي پريڪٽس ڪندو رهيو، مهارت حاصل ڪرڻ کانپوءِ فيصل آباد جي سمندري واري علائقي جي هڪ ڪلب ۾ ٻين رانديگرن کي چئلينج ڪرڻ لڳو. پنهنجي حيران ڪندڙ صلاحيتن جي ڪري 32 سالن جي محمد اڪرم کي سوشل ميڊيا تي به شهرت حاصل ٿي ، ڪلب ۾ کيڏڻ لاءِ هن کي ڪابه رقم نٿي ڀرڻي پوي الٽو ٻيا هن جي پيسن جي ادائيگي ڪندا آهن. محمد اڪرم سموري دنيا کي چئلينج ڪيو آهي ته ان طرح جيڪڏهن ڪو ساڻس سنوڪر کيڏي ته ميدان تي اچي. هو پنهنجي کاڏي سان سنوڪر بال کي هٽ ڪري هول ۾ داخل ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو