ٻارڙيءَ سان زيادتي ڪندڙ جي ڦاهي واري سزا عمر قيد ۾ تبديل

ٻارڙيءَ سان زيادتي ڪندڙ جي ڦاهي واري سزا عمر قيد ۾ تبديل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسڪول ۾ 10 سالن جي ٻارڙيءَ سان زيادتي جي ڏوهاريءَ جي ڦاهي (سزائي موت) عمر قيد ۾ تبديل ڪئي وئي. ڏوهاريءَ جي ٽي لک رپيا ڏنڊ ۽ ڇهه مهينا اضافي قيد جي سزا برقرار رکي وئي آهي. اينٽي ريپ ايڪٽ تحت متاثره ٻارڙيءَ کي هڪ لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم پڻ برقرار آهي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت عظمٰي موجب تعليمي ادارن ۽ رستن تي شاگردياڻين کي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي بنيادي آئيني ذميواري آهي، صوبائي آئي جيز (IGs) ۽ آئي جي اسلام آباد تعليمي ادارن کان ٻاهر پوليس جو گشت وڌائين. سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته آئي جيز اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ٻارڙين جي تحفظ لاءِ فوري طور تي قدم کڻن. سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب، عورتن ۽ ٻارن کي هراسان ڪرڻ جي شڪايتن تي پوليس بنا ڪنهن دير جي ڪارروائي ڪري. عدالت عظمٰي موجب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ‘سنڌ ميڊيڪل ليگل ايڪٽ 2023’ جي طرز تي جديد ميڊيڪل ليگل سروس قائم ڪن. عدالت عظمٰي موجب شيخوپوره جي هڪ اسڪول ۾ سويپر 10 سالن جي شاگردياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻايو هو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻارڙيءَ جي جسم تي ڄمندڙ زخمن جي نشانن ۽ زيادتي جي تصديق ٿي هئي.عدالت عظمٰي موجب فارنزڪ ليبارٽري جي رپورٽ ۾ سيمين (ويرج) هٿ نه اچڻ هن مقدمي جي خاتمي جو سبب نٿو بڻجي، ۽ ڏوهه جي 3 ڏينهن کانپوءِ ايف آئي آر (FIR) داخل ڪرڻ ۾ دير ٿيڻ هن ڪيس ۾ شڪ جو فائدو نٿي ڏئي. عدالت عظمٰي موجب واقعي کانپوءِ اسڪول انتظاميا معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻارڙيءَ کي اسڪول ۾ ئي ڊرپ لڳائي وئي، اسڪول انتظاميا جي خاموشي ۽ دير جو نقصان مظلوم ٻارڙيءَ ۽ سندس بيواهه ماءُ کي نٿو پهچائي سگهجي. سپريم ڪورٽ موجب ڏوهاريءَ جو اسڪول جي گيٽ تي لڙائي جو دعويٰ ۽ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جو الزام ثابت نه ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو