سامونڊي پٽي ۾ قلم 144 لاڳو، مھاڻن جي شڪار تي پابندي

سامونڊي پٽي ۾ قلم 144 لاڳو، مھاڻن جي شڪار تي پابندي

ٺٽو (ن س) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غلام فاروق سومرو پاران سموري ضلعي خاص طور تي ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي،جڏهن ته ساحلي پٽي سان تعلق رکندڙ مھاڻن جي شڪار تي پڻ پابندي لڳائي وئي آهي، جنهن تحت ڪو به مھاڻو پنهنجون لانچون سمنڊ ۾ شڪار تي وڃڻ بجاء سمنڊ جي ڪناري تي پارڪ ڪرڻ لاء پابند ھوندو ڊپٽي ڪمشنر پاران سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته مھاڻن تي نظر رکي وڃي جڏھن ٺٽي جي مختلف علائقن جنھن ۾ چليا ـ ڪينجهر ڍنڍ ۽ پٺاڻ ڪالوني شامل آھن انھن علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري ، جڏهن ته تيز برسات ۽ هوائن سبب وڻ پڻ ڪري پيا آهن جڏھن تـ برسات جو پاڻي گھرن ۾ پڻ داخل ٿيڻ جا اطلاع مليا آھن جنھن جي ڪري علائقي واسين کي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي ٻئي طرف ٺٽي جي ڪوھستاني توڙي ساحلي پٽي ۾ برساتن جون وسڪارو وقفي وقفي سان جاري ٿي ويو اھي، جنھن ڪري گرمي جو روز ٽٽي وڇڻ ڪري موسم خوشگوار بڻجي ويئي اھي، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب شروع ٿيل برسات ضلعي ٺٽي جي ساحلي پٽي سميت ڪوھستاني علائقن ۾ ڪٿي تيز تہ ڪٿي ھلڪي برسات پوڻ جو سلسلو جاري ٿي ويو اھي، يوسي جھمپير جي ڪوھستاني ڳوٺ ملوڪ جاکرو ۾ تيز طوفاني برسات سبب 4 پورھيتن قاسم جاکرو، جان محمد، منٺار، محرم جاکرو جا ڪچا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن، جيڪي ھن وقت کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻيل آھن، جڏھن تہ ٻين بہ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ تيز ھوائن سبب گھر ڊھي پوڻ جا اطلاع آھن، ٻئي طرف ٺٽو، مڪلي، جنگشاھي، جھمپير، ڳاڙھو، ڪيٽي بندر، گجو، گھارو سميت ضلعي جي ننڍن، وڏن شھرن ۾ ڪٿي ھلڪي تہ ڪٿي تيز برسات پوڻ جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آھي، برسات پوڻ بعد موسم پڻ خوشگوار بڻجي ويئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو