ٺٽو واسي  پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل، ملازم سخت پريشان

ٺٽو واسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل، ملازم سخت پريشان

ٺٽو(ن س) ايريگيشن ڪالوني ٺٽو جا رھواسي بہ پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل، رھواسين جون دانھون پاڻي ڏيئي، پريشاني کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي اھي، ان سلسلي ۾ ايريگيشن ڪالوني ٺٽي جي ڪيترن ئي پاڻي کان محروم بڻيل رھواسي ملازمن دانھيندي چيو اھي تہ ايريگيشن ڪالوني ٺٽي ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پيئڻ جي پاڻي جي فراھمي بند ٿي وڃڻ ڪري ٻچڙيوال ملازم سخت پريشان اھن، ميونسپل ڪميٽي توڙي واٽر سپلاء انتظاميہ کي بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ايريگيشن ڪالوني ٺٽي جو پاڻي بحال ٿي ناھي سگھيو، جنھن ڪري ملازم پاڻي خريدڻ توڙي پري پري کان آڻڻ تي مجبور بڻيل آھن، ھنن گھر ڪئي تہ فورن ايريگيشن ڪالوني ٺٽي جو بند ٿيل پاڻي بحال ڪري رھواسي ٻچڙيوال ملازمن کي پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو