ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٺوڙي ڦاٽڪ وٽ ڪوسٽر حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته روڊ حادثي ۾ جاني نقصان تي کيس تمام گهڻو افسوس ٿيو آھي. هن ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي هدايتون ڏيندي چيو ته زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو وڃي ۽ حادثي جي متاثرن سان مڪمل سهڪار ۽ سندن مدد ڪئي وڃي.










