ٺل:(ن س) ٺل ڀرسان ڪوچ ۽ مزدا جي ٽڪر ۾ پشين واسي هڪئي گهر جي چئن ڀاتين سميت پنج مسافر فوت ٿي ويا جڏهن ته 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ٺل جي گرڊ اسٽيشن ڀرسان مزدا ۽ ڪوچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موقعي تي ٽن ٻارڙن سميت پنج مسافرفوت ٿي ويا، ڪوئيٽا کان صادق آباد ويندڙ ڪوچ ۽ ڪنڌڪوٽ کان ٺل ايندڙ مزدا وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو واقعي بعد زخمي ۽ فوتين کي تعلقي اسپتال ٺل منتقل ڪيو ويو جڏهن ته فوتين جي سڃاڻپ ٿي وئي جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جا چار ڀاتي به فوتين ۾ شامل آهن، فوتين ۾ پشين واسي 45 ورهين جي اطلس بي بي، هنجو چئن ورهين جو پٽ حفيظ ﷲ، ٻه معصوم ڌيئرون 7 ورهين جي جميلان ۽ 6 ورهين جي خديجه شامل آهن، جڏهن ته تنگواڻي واسي دلمراد جعفري شامل آهن.واقعي بعد اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي جڏهن ته ستن زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب تيز رفتاري سبب واقعو پيش آيو، ايمبولينس نه هجڻ ڪري زخمين ۽ فوتين کي لوڊر رڪشا ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي جي جانچ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو.










