ٺاروشاھ جي موبائل مارڪيٽ ۾ باهه،5 دڪان سڙي رک

ٺاروشاھ جي موبائل مارڪيٽ ۾ باهه،5 دڪان سڙي رک

نوشھرو فيروز (ن س)ٺاروشاھ ۾ ڀٽي موبائل مارڪيٽ کي گذريل رات دير سان پرسرار نموني باھ 4 کان 5 دڪانن کي وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ الھ تلھ سڙهي رک ٿي ويو متاثرين دڪاندار نور سهتو ۽ عابد حسين سهتو بيهوش ٿي ويا جڏهن ته شهرين پاران فائير برگيڊ 3 کي بار بار اطلاع ڏيڻ باوجود نه پهچي سگهي جڏهن ته دڪاندارن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ کي 3 ڪلاڪن بعد ڪنٽرول ڪيو جڏهن ته لوڪل انتظاميا پڻ غائب هئي متاثرين دڪاندارن نور سهتو ۽ عابد سهتو صحافين کي ٻڌايو ته گذريل رات اسان جي موبائل دڪانن کي باھ وڪوڙي وئي اسان جي دڪانن ۾ پيل ڪروڙين روپين جون موبائل فونو بيٽريون چارجر ايل سي ڊيون ڪمپيوٽر ۽ ٻيو سامان سڙهي رک ٿو ويو آهي فائير برگيڊ ترت پهچي هان ته اسان جو نقصان گهٽ ٿي هان پر انهن جي لاپرواهي ڪري اسان معاشي طور تي گنگال ٿي ويا آهيون واحد ذريعو دڪان هيو اهو به سڙهي ويو هنن ڊي سي نوشهروفيروز ۽ ٻين سرندي وران کان واهر جي اپيل ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو