دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي جي ولي عهد شيخ حمدان بن محمد بن راشد ال مڪتوم عيد الفطر جي موقعي تي عالمن، مبلغن ۽ مذهبي محققن کي گولڊن ويزا ڏيڻ جو فيصلو جاري ڪيو آهي. اهو فيصلو گڏيل عرب رياستن جي نائب صدر ۽ وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد آل مڪتوم جي هدايت تي ڪيو ويو.ميڊيا رپورٽن موجب جن ماڻهن کي گولڊن ويزا سان نوازيو ويندو انهن ۾ عالم، موذن، مبلغين، مفتي ۽ مذهبي محقق شامل آهن جن دبئي ۾ پنهنجي ڪم جا 20 سال مڪمل ڪري ورتا آهن، انهن کي رواداري جي قدرن کي پکيڙڻ ۾ سندن ڪوشش جي تعريف طور ”مالي اعزاز“ به ملندو.










