يو اي اِي جي صدر کي تلور جي شڪاري جي پرمٽ جاري

يو اي اِي جي صدر کي تلور جي شڪاري جي پرمٽ جاري

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان حڪومت گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان ۽ سندس خاندان جي اهم اڳواڻن کي پابندي مڙهيل ناياب پکي تلور جي شڪار جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب پرڏيهي کاتي جو ڊپٽي چيف پروٽوڪول شڪار جون پرمٽس پاڻ گڏيل عرب امارات جي سفاتخاني پهچائي آيو آهي. اهو واضح ناهي ته هو ڪڏهن شڪار ڪرڻ ايندا. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب هنن کي رحيم يار خان، راڄنپور ۽ چڪوال، سکر، گهوٽڪي، نوابشاهه سانگهڙ ( ڪوٽڊجي ۾ به شڪار ڪري سگهن ٿا پر نارا ڪينال جي آس پاس نٿا ڪري سگهن). بلوچستان ۾  پنجگور، زوب، خاران (ناگ درا بريڊنگ علائقي کانسواءِ)، واشڪ ۽ گوادر (اورماڙا ۽ پسني کانسواءِ) علائقن ۾ شڪار ڪندا. ياد رهي ته ان کان اڳ سعودي ولي عهد کي به پرمٽ جاري ڪيا ويا پر هو ناراضگي سبب اڃا ناهي آيو. آءِ يو سي اين موجب دنيا ۾ تلور جو نسل ناياب آهي ۽ رڳو 50 هزار کان هڪ لک تائين پکي بچيا آهن. ياد رهي ته گڏيل عرب امارات پاران تلور جي بريڊنگ فارم آهي ۽ گذريل سال هنن 3500 تلور سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڇڏيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو