دبئي (ويب ڊيسڪ)متحده عرب امارات رمضان المبارڪ دوران قيدين جي آزادي جو اعلان ڪيو آهي.امارات نيوز ايجنسي جي مطابق، يو اي اي رمضان المبارڪ دوران 3,296 قيدين جي آزادي جو اعلان ڪيو آهي.نيوز ايجنسي جي مطابق، دبئي جي جيلن مان 1,856 قيدين جي آزادي جي منظوري ڏني وئي آهي.امارات نيوز ايجنسي جي مطابق، قيدي رمضان المبارڪ دوران نئين زندگي شروع ڪري سگهندا. اماراتي صدر آزاد ٿيل قيدين جا قرض ادا ڪندو.










