يو اي اي پاران آصفه ۽ فريال لاءِ سافٽ ڊپلوميسي ايوارڊ

يو اي اي پاران آصفه ۽ فريال لاءِ سافٽ ڊپلوميسي ايوارڊ

ڪراچي؛ (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي يوم آزادي جي موقعي تي اڄ ڪراچي ۾ يو اَي اِي قونصليٽ طرفان منعقد ڪيل تقريب ۾ پاڪستان جي خاتون اول آصفه ڀٽو کي سافٽ ڊپلوميسي ايوارڊ سان نوازيو ويو. هي هيومنٽيرين ايوارڊ پوليو جي خاتمي ۾ سندس اڻتھڪ محنت ۽ بلوچستان ۾ پوليو ويڪسينيشن مهم ۾ مدد لاءِ UAE حڪومت جي ڪامياب لابنگ جي اعتراف ۾ کيس ڏنو ويو. پيپلز پارٽي وومين ونگ جي صدر فريال ٽالپر به ان موقعي تي موجود هئي جنهن کي به متحده عرب امارات سان لاڳاپن جي بهتري لاءِ ايوارڊ ڏنو ويو. يو اَي اِي قونصليٽ جي سافٽ ڊپلوميسي پروگرام جي شروعات هيٺ، هي ايوارڊ انهن شخصيتن کي ڏنو ويندو آهي جن پاڪستان ۽ يو اَي اِي جي وچ ۾ سفارتي ۽ انساني لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو هجي. محترمه ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان پاڪستان جي هڪ انتهائي اهم عوامي صحت جي چيلينج يعني پوليو جي خلاف جنگ ۾ UAE جي مدد حاصل ڪرڻ ۾ اهم رهي آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي فرسٽ ليدي يو اي اي هڪومت جو شڪريو ادا ڪندي سندن پوليو جي خاتمي ۾ تعاون واري ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن پوري پاڪستاني قوم تي زور ڀريو ته هو سڀ گڏجي هن موذي مرض جي خاتمي لاءِ اپاءَ وٺن.

پهنجو تبصرو موڪليو