اسلام آباد(بيورو رپورٽ)انڪشاف ڪيو ويو آهي ته متحده عرب امارات (يو اي اي) ۾ ٿيندڙ 50 سيڪڙو ڏوهن ۾ پاڪستاني ملوث آهن.سينيٽ جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر ذيشان خانزاده جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اوورسيز پاڪستانين واري وزارت بريفنگ ڏني.پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري ايوان جي ڪميٽي کي ٻڌايو ته 20 لک پاڪستاني هر سال 7 ارب ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا ڪندا آهن، مهارت کان سواءِ ماڻهو نه موڪليندا آهن.ان دوران اسٽينڊنگ ڪميٽي 4 هزار ملازمت ڏيندڙ ڪمپنين جا تفصيل طلب ڪري ورتا، جڏهن ته اوورسيز افيئرز واري وزارت جي عملدارن چيو ته ٻاهرين ملڪ ڏوهاري سرگرمين ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني ملوث آهن.بريفنگ دوران انڪشاف ٿيو ته سعودي عرب مان 92 نرسن کي ڊگريون نه ملڻ سبب واپس موڪليو ويو.پرڏيهي کاتي جي سيڪريٽري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي سفارتخانن کي اقتصادي سفارتڪاري جو مرڪز بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.










