رحمت الله ٻرڙو
يو ايس ايڊ (United States Agency for International Development) جي سالياني بجيٽ هر سال آمريڪي ڪانگريس طرفان منظور ڪئي ويندي آهي، جيڪا مختلف ملڪن ۽ منصوبن لاءِ مختص ڪئي ويندي آهي۔تازن انگن اکرن مطابق، يو ايس ايڊ جي سالياني بجيٽ لڳ ڀڳ 20 بلين ڊالرن جي لڳ ڀڳ آهي، جيڪا دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي.
آمريڪا جي يو ايس ايڊ ايجنسيء معرفت دنيا ۾ ۽ خاص طور پاڪستان ۽ خصوصي طور سنڌ ۾ ترقياتي ڪم هلي رهيا آھن.انهن ڪمن جي حوالي سان پوري پاڪستان جي خاص طور ٻھراڙين ۾ تعليم،صحت،ايريگيشن،ايگريڪلچر ۽ پيئڻ جي پاڻيء جي سپلاء لاء ڪم هلن ٿا جن ۾ وڏو سهڪار جيڪو هڪ اندازي موجب نوي سيڪڙو کان مٿي مالي سهڪار پڻ يو ايس ايڊ جو آھي.انهيء مالي تعاون کي روڪڻ لاء دنيا جي گولي تي آمريڪي صدارت حاصل ڪندڙ ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي ته اسين انهيء مالي سهڪار واري پروگرام کي بند ڪري رهيا آھيون.يو ايس ايڊ جي تعاون سان ملڪ جي ٻھراڙين ۾ واٽر سپلاء جي اسڪيمن لاء اربين روپيا تعاون ٿيل آھي.تعليم ۽ صحت جي معاملن ۾ به انتهائي وڏو سهڪار رهيو آھي.ان سموري معاملي کي ڏٺو وڃي ته آمريڪي صدر
آمريڪي بين الاقوامي ترقي جي ايجنسي (USAID) سنڌ، پاڪستان ۾ مختلف ترقياتي پروگرامن ۾ سرگرم عمل رهي آهي، جيڪي ٻهراڙي وارن علائقن تي ڌيان ڏئي رهيا آهن.انهن ۾ تعليم، پاڻي جي فراهمي، صحت ۽ انفراسٽرڪچر جهڙا شعبا شامل آهن.
تعليمي شروعات:
سنڌ بنيادي تعليم پروگرام (SBEP): سنڌ حڪومت جي تعاون سان، USAID تعليم جي معيار ۽ رسائي کي وڌائڻ لاءِ SBEP شروع ڪيو. پروگرام جو مقصد اتر سنڌ ۽ ڪراچي جي چونڊيل علائقن ۾ 106 جديد اسڪول تعمير ڪرڻ آهي، جن مان ڪيترائي اڳ ۾ ئي ڪم ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه، SBEP ابتدائي گريڊ پڙهڻ جي بهتري، ڇوڪرين جي داخلا کي وڌائڻ لاءِ ڪميونٽي موبلائيزيشن، ۽ اسڪول انتظاميه ۾ تعليمي انتظامي تنظيمن کي شامل ڪرڻ لاءِ پاليسي سڌارن جي حمايت ڪري ٿو.
ڪميونٽي مصروفيت: USAID سکر، خيرپور ۽ جيڪب آباد جهڙن ضلعن ۾ ڪميونٽي تفريحي ميلن جهڙا واقعا منعقد ڪيا آهن. اهي واقعا تعليم، صحت ۽ صفائي کي فروغ ڏين ٿا، سکيا ۽ ڪميونٽي جي ڀلائي لاءِ هڪ مددگار ماحول کي فروغ ڏين ٿا.
پاڻي جي فراهمي ۽ صفائي جا منصوبا:
ميونسپل سروسز پروگرام: هي شروعات سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ فضلي جي انتظام جي نظام کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏئي ٿي. مثال طور،جيڪب آباد ۾، يو ايس ايڊ شهر جي پاڻي جي فراهمي ۽ سيوريج سسٽم کي بحال ڪري رهيو آهي،جنهن جو مقصد 300,000 کان وڌيڪ رهواسين کي صاف پيئڻ جي پاڻي تائين رسائي فراهم ڪرڻ آهي.
ڪميونٽي سطح تي مداخلت:يو ايس ايڊ جي ڪوششن ۾ پاڻي جي فلٽريشن پلانٽ ۽ سپلائي سسٽم جي تعمير، گهرن کي سڌو سنئون صاف پيئڻ جي پاڻي جي ذريعن سان ڳنڍڻ شامل آهن.انهن منصوبن پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيمارين کي گهٽائڻ ۽ مجموعي صحت کي بهتر بڻائي برادرين کي تمام گهڻو فائدو پهچايو آهي.
صحت ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي:ماءُ ۽ ٻار جي صحت، يو ايس ايڊ سڄي سنڌ ۾ 7 ماءُ ۽ ٻار جي صحت مرڪزن جي مرمت ڪئي آهي ۽ ڪراچي ۽ جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ خاص وارڊ تعمير ڪيا آهن.اهي سهولتون سنڌ ۽ پاڙيسري علائقن مان لکين ماڻهن جي خدمت ڪن ٿيون،جنهن سان پنج سالن کان گهٽ عمر جي موت جي شرح ۾ قابل ذڪر گهٽتائي آئي آهي.
اهڙي ئي نموني ۾ زراعت کاتي جي معرفت ۽ ايريگيشن کاتي جي معرفت يو ايس ايڊ زراعت کي جديد طريقن سان بهتري آڻڻ لاء فنڊنگ ڪئي آھي.زرعي سامان جو مهيا ڪرڻ،زرعي جدت جي طريقن کي اپلاء ڪرڻ لاء موقعا فراهم وغيره جهڙا اربين روپين جا سنڌ سطح تي پروگرام هلن ٿا.انهن پروگرامن جي بند ٿيڻ جو خدشو آھي.
توانائي جا منصوبا:توانائي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ، يو ايس ايڊ سنڌ ۾ گڊو ۽ ڄامشورو جهڙن پاور پلانٽن کي بحال ڪيو آهي.انهن ڪوششن سان قومي گرڊ ۾ وڏي پئماني تي بجلي شامل ٿي آهي،جنهن سان لکين ماڻهن لاءِ بجلي جي رسائي بهتر ٿي آهي.
انهن جامع پروگرامن ذريعي، يو ايس ايڊ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي ترقي ۾ مدد جاري رکي ٿو، جنهن جو مقصد زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي.انهيء سهڪار ذريعي جتي انساني ذات جي بهتريء ۽ انهن جي خدمت ٿئي ٿي. اتي هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انساني آبادي ڪيترنئي مسئلن ۽ مونجهارن جو شڪار ٿيڻ جا وڏا ۽ چٽا امڪان آھن.
انهن انساني الميئي جهڙن مسئلن جي پيدا ٿيڻ ۾نئي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وڏو ڪردار هوندو.امريڪي صدر ٽرمپ جو مالي سهڪار بند ڪرڻ وارين ڌمڪين کي نظر ۾ رکندي ملڪي حڪمران قيادتن کي کپي ته ان مسئلي جي ٽوڙ تي غور و فڪر ڪن.
مثال جي طور تي فوري طور تي ملڪ جي رٿابندي وارو کاتو انهن يوايس ايڊ فنڊيڊ اسڪيمن کي ڪنٽرول ۾ آڻي هڪ نئي رٿابندي پاليسيء ۾ رکيو وڃي.مرڪزي حڪومت کي کپي ته صوبائي حڪومتن جي گڏيل سهڪار سان اهي منصوبا ۽ پروگرام هلايا وڃن.جيڪڏهن ڪٿي ڪٿي وڌيڪ فنڊ کپن ۽ مهارت کپي ته جائيڪا،ورلڊ بئنڪ،ايشين ڊولپمنٽ بئنڪ يا يورپي يونين جهڙن ادارن سان رابطو ڪري سهڪار حاصل ڪري سگهجي ٿو.ٻي صورت ۾ علائقائي ۽ بين الاقوامي طور تي عالمي طاقتن جي مفادن پٽاندڙ پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جڙن پيون.انهن عالمي ۽ پاڙيسري ملڪن جي شفارتي،خارجي،مالي ۽ ريجنلي سهڪار کي سامهون رکي عالمي طاقتن توڙي علائقائي طاقتن اڳيان پنهنجيون ترجيحي حڪمت عمليون ٺاهي نوان رخ اختيار ڪرڻا پوندا ۽ نوان دوست ٺاهڻا پوندا۔










