يوٽيوبر ڊڪي ڀائي جي ضمانٽ واري درخواست رد

يوٽيوبر ڊڪي ڀائي جي ضمانٽ واري درخواست رد

لاهور(ويب ڊيسڪ)سيشن ڪورٽ لاهور سوشل ميڊيا تي جوا جي ترغيب ڏيڻ ۽ فحش مواد اپلوڊ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار يوٽيوبـر سعدالرحمٰن عرف ڊڪي ڀائي جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايڊيشنل سيشن جج، ڊڪي ڀائي جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌايو.واضح رهي ته اين سي سي آءِ اي، ڊڪي ڀائي تي جوا واري ايپ جي تشهير جو مقدمو داخل ڪيو آهي. ملزم خلاف ڪيس 17 آگسٽ جي رات اين سي سي آءِ اي لاهور طرفان داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ جون دفعات 13 (اليڪٽرانڪ جعلسازي)، 14 (اليڪٽرانڪ فراڊ)، 25 (اسپيم) ۽ 26 (اسپوفنگ) شامل آهن، ان کان علاوه تعزيراتِ پاڪستان جون دفعات 294-بي ۽ 420 هيٺ به الزام لڳايا ويا. هي مقدمو 13 جون جي هڪ انڪوائري سان لاڳاپيل آهي، جيڪا معتبر ذريعن کان مليل اطلاع تي داخل ڪيو ويو ته ڪجهه يوٽيوبـرز ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسرز پنهنجو مالي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ عوام ۾ جوا ۽ بيٽنگ ايپليڪيشنز جي تشهير ڪري رهيا آهن. يوٽيوبـر اين سي سي آءِ اي جي حراست ۾ 22 ڏينهن تائين رهيو، سندس آخري ريمانڊ 3 سيپٽمبر تي ڏنو ويو هو جيڪو 5 سيپٽمبر تي ختم ٿيو. يوٽيوبـر جي قانوني ٽيم 9 سيپٽمبر تي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪليو ويو، جنهن بعد ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو