يورپي ايوي ايشن جي ريموٽ آڊٽ ۾ پي آءِ اي ڪليئر قرار

يورپي ايوي ايشن جي ريموٽ آڊٽ ۾ پي آءِ اي ڪليئر قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)يورپ لاءِ پي آءِ اي جون اڏامون بحال ڪرڻ واري معاملي تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي.ايئر لائن ذريعن موجب يورپي ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي ريموٽ آڊٽ ۾ پي آءِ اي کي ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي.ان حوالي سان ايئر لائن ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه مهينا اڳ پي آءِ اي جو آن لائن آڊٽ آءِ ايس اي ڪيو هو.يورپي ايوي ايشن ايجنسي پي آءِ اي ۽ سي اي اي جو فزيڪل آڊٽ ڪرڻ لاءِ سيپٽمبر ۾ پاڪستان ايندي.ذريعن موجب فائنل آڊٽ ۾ ڪاميابي کانپوءِ ئي يورپ ڏانهن پي آءِ اي جون اڏامون بحال ٿي سگهنديون.ايئر لائن ذريعن موجب پي آءِ اي جون 2020ع کان يورپي ملڪن لاءِ اڏام تي پابندي لڳائي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو