يروشلم (ويب ڊيسڪ)اسرائيل جي يمن جي گادي واري هنڌ صنعا ۽ الجوف صوبي تي هوائي حملي ۾ 35 ماڻهو مارجي ويا.يمني وزارت صحت جي مطابق، حملن ۾ 131 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا.الجزيره جي رپورٽ موجب، اسرائيل يمن جي گادي واري هنڌ صنعا ۽ الجوف گورنريٽ ۾ هوائي حملي ڪيا.اهي حملي قطر جي گادي واري هنڌ دوحا ۾ حماس جي اڳواڻن کي نشانو بڻائڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ ٿيا.يمني وزارت صحت جي مطابق، اسرائيل صنعا ۽ الجوف ۾ رهائشي علائقن کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ هڪ طبي مرڪز به شامل آهي.اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ حملي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته ان يمن ۾ حوثي حڪومت سان لاڳاپيل فوجي هدفن کي نشانو بڻايو.الجزيره جي مطابق، اسرائيل گذريل مهيني هڪ هوائي حملي ۾ يمني عملدارن کي به نشانو بڻايو، جنهن ۾ يمني وزيراعظم احمد الراحوي به شهيد ٿي ويو.حوثي باغين جو چوڻ آهي ته اسرائيل انهن تي غزه جي حمايت ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، پر انهن غزه تي اسرائيل جي جنگ ختم ٿيڻ تائين آپريشن جاري رکڻ جو عزم ڪيو آهي.ياد رهي ته اسرائيل گذريل 72 ڪلاڪن ۾ فلسطين، لبنان، شام، تيونس، قطر ۽ يمن سميت 6 ملڪن ۾ حملا ڪيا آهن.










