ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي سان ملاقات ۾ چيو آهي ته دادو جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ۽ ڪئمپن ۾ رهندڙ متاثر خاندانن سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ تباهه ٿيل ماڻهن جي بحاليءَ ۾ سندس وڌيڪ سهڪار ڪرڻ تي زور ڀريو. وڏي وزير ۽ نوبل انعام يافته ملاله، ٻوڏ جي صورتحال، سندس تباهي ۽ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ واهر ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملالا چيو ته ڪئمپن ۾ رهندڙ ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن ٽينٽ گرلز اسڪول جو دورو ڪيو ۽ ڪجهه وقت شاگردن سان گڏ پڻ گذاريو. هن چيو ته ٻارن جا حوصلا بلند آهن ۽ سندن پڙهائيءَ جو شوق واکائڻ جوڳو آهي. وڏي وزير چيو ته ٻوڏ سبب 20 لک ٻارن جي تعليم متاثر ٿيڻ کان علاوه 12 هزار اسڪولن کي به نقصان پهتو آهي. وڏي وزير ملالا تي زور ڀريو ته هوءَ پاڻي نيڪال ٿيڻ کانپوءِ اسان جي اسڪولن جو دورو ڪري ۽ شاگردن سان ملي ته جيئن سندن سکيا جو جذبو پيدا ٿئي. ان تي ملالا چيو ته هوءَ پاڪستان جو دورو ڪندي ۽ شاگردن سان ملاقات ڪري تعليم جي اهميت کي اجاڳر ڪندي. وڏي وزير ملالا جي اچڻ تي سندس ٿورا مڃيا ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪندي يادگاري شيلڊ، اجرڪ ۽ کيس پيش ڪيا.










