وڊيو اسڪينڊل ۾ عدم ثبوت سبب 3 ملزم آزاد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مقامي عدالت احتساب عدالت جي اڳوڻي جج ارشد ملڪ جي وڊيو اسڪينڊل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي عدالت ۾ جج وڊيو اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري جنهن دوران ايف آءِ اي جي تفتيشي آفيسر عدالت ۾ تحقيقاتي رپورٽ جمع ڪرائي. ايف آءِ اي تفتيشي آفيسر ۽ پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته تحقيقات دوران وڊيو اسڪينڊل ۾ ملوث جوابدارن ناصر جنجوعه، خرم يوسف ۽ غلام جيلاني خلاف ڪو ثبوت ناهي ملي سگهيو جنهن ڪري انهن کي ڪيس مان آزاد ڪيو وڃي. عدالت ايف آءِ اي جي استدعا تي فيصلو ڪجهه وقت لاءِ محفوظ ڪري تحقيقاتي اداري جي درخواست منظور ڪندي ٽنهي جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو