اوٻاوڙو (ايم بچل گهنڃو )ڳوٺ دودو ڀٽو ۾ 19 سالن جو نوجوان نويد احمد ڀٽو پٽ پهلوان ڀٽو کي ڏيڍ مهينو اڳ ڇتو ڪتو ڏاڙهي وڌو هو، ضلعي گهوٽڪي ۾ ڪتي جي چڪيل جي ويڪسين شارٽ هئڻ سبب وارث کيس غربت سبب ان جو بندوبست نه ڪري سگهيا هئا. هنن نوجوان تي پيرن فقيرن کا ڦيڻو ڦوڪ ڪرائي هئي. ڪجھ وقت گذرڻ بعد هن جي طبيعت بگڙڻ لڳي ۽ اڄ هن کي شديد دورو پيو جنهن سبب هو فوت ٿي ويو.










