وينزويلا تي آمريڪي جارحيت کي ڪير روڪيندو؟

وينزويلا تي آمريڪي جارحيت کي ڪير روڪيندو؟

اعجاز ممنائي
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته سندس حڪم تي، آمريڪي فوج وينزويلا تي حملو ڪيو آهي ۽ گادي واري هنڌ ۾ ڪيترن ئي عمارتن ۽ دفاعي هدفن تي بمباري ڪئي آهي. صدر ٽرمپ اعلان ڪيو ته ڊيلٽا فورس صدارتي محل تي حملو ڪري قابض ٿي ويو آهي ۽ وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس زال کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي وينزويلا کان ٻاهر منتقل ڪيو ويو آهي. آمريڪي اٽارني جنرل چيو آهي ته صدر مادورو تي منشيات جي اسمگلنگ ۽ وڏي پيماني تي تباهي ڪندڙ هٿيارن جو الزام لڳايو ويو آهي.هاڻي هو آمريڪي عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏيندو. آمريڪا وينزويلا جي گادي واري هنڌ ڪاراڪاس ۾ ڪيترن ئي اهم عمارتن ۽ فوجي هدفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ جنگي جهاز استعمال ڪيا آهن. شهر جا ڪيترائي علائقا باهه ۾ سڙي رهيا آهن ۽ دونھين جو بادل اٿي رهيو آهي. وينزويلا جي حڪومت تصديق ڪئي آهي ته حملا اراگوا ۽ لاگوس رياستن ۾ ڪيا ويا آهن. وينزويلا جي حڪومت جو چوڻ آهي ته انهن حملن جو مقصد وينزويلا جي تيل ۽ معدنيات تي قبضو ڪرڻ آهي.جڏهن ته سڀني جون نظرون ٽرمپ جي وينزويلا جي تيل جي منصوبي تي آهن، ڪاراڪاس وٽ سون جا وڏا ذخيرا پڻ آهن.وينزويلا وٽ 5 ملين اونس سون جا ذخيرا آهن، جن جي قيمت 22 ارب ڊالر آهي، موجوده عالمي سون جي قيمت 4,300 ڊالر في اونس آهي. هي رقم هن سال تائين ايران جي تيل جي آمدني جي لڳ ڀڳ برابر آهي.ڊونلڊ ٽرمپ گذريل رات وينزويلا جي صدر جي اغوا کان پوءِ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو: “آمريڪا کي وينزويلا تي قبضو ڪرڻ جي ڪا به قيمت نه پوندي.” آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته آپريشن ۾ ڪو به آمريڪي سپاهي مارجي ناهي ويو پر ڪجهه سپاهي زخمي ٿيا آهن. هن حملي کان پوءِ سڄي دنيا سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي وئي آهي. روس، ايران، ڪولمبيا سميت ڪيترن ئي ملڪن حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.وينزويلا جي هٽايل ۽ حراست ۾ ورتل صدر نڪولس مادورو کي نيو يارڪ منتقل ڪيو ويو آهي. هن جي تازي جاري ڪيل مختصر ويڊيو ۾ هو ڊرگ ايجنسي جي اهلڪارن سان گهمندي ڏسجي رهيو آهي. جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو هو ته وينزويلا جو نظام آمريڪا پاڻ سنڀاليندو ۽ اقتدار جي منصفاڻي ۽ پرامن منتقلي تائين اسان اقتدار هلائينداسين, ان ڏس ۾ ڪا به ڊيڊ لائين نه ڏني پر چيو ته جڏهن صورتحال بهتر ٿيندي. اهڙو اظهار هن وينزويلا جي صدر ۽ زال سميت حراست ۾ وٺي آمريڪا منتقل ڪرڻ، مٿس منشيات ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ جو ڪيس هلائڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته ڇا ڊگهي عرصي تائين اوهان اقتدار سنڀاليندا ته هن چيو ته ان ۾ اسانجو خرچ نه لڳندو، پيسا گرائونڊ تان جام ملندا، اسانجون تيل ڪمپنيون به ڪمائينديون. اسان جيڪو خرچ ڪيو آهي، اهو وصول ڪنداسين ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته اهو ڪم اسانکي ڪافي دير اڳ ڪرڻ گهربو هو. صدر ٽرمپ هٽايل ۽ گرفتار ڪيل صدر جي هڪ تصوير به جاري ڪئي آهي جنهن ۾ کيس اکين تي پٽي ٻڌل آهي ۽ هٿ ۾ پاڻي جي بوتل آهي. ٽريڪ سوٽ ۾ نظر ايندڙ مادورو جي ڀر ۾ بيٺل هڪ اهلڪار جي يونيفارم تي ’ڊرگ انفورسمينٽ ايجنسي‘ جو مونوگرام آهي، صدر ٽرمپ چيو ته ان ئي ايجنسي جي هو حراست ۾ آهي. روس، چين ۽ ايران بابت سوال تي صدر ٽرمپ چيو ته روس سان معاملا سڌا ڪري رهيا اهيون، اسين تيل جي بزنيس ۾ آهيون ٻين کي اسين وڪرو ڪنداسين. ڪيوبا بابت سوال تي هن چيو ته اها ناڪام ٿيندڙ قوم آهي ۽ اسين انهن کي به بچائينداسين. ڪولمبيا بابت سوال تي هن چيو ته اتي ڪوڪين ٺاهڻ جون فيڪٽريون آهن ۽ مان سندن صدر کي چوندس ته اڳ ۾ هو پنهنجي پٺ ڏسي. صدر ٽرمپ ٻڌايو ته شهر ۾ بجلي نه هئي، گهگهه اوندهه ۾ اسان کيس پڪڙيو آهي. جيڪا اسانجي فوج جي مهارت هئي. ان موقعي تي مارڪو روبيو چيو ته نڪولس مادورو وينزويلا جو قانوني صدر نه هو، هن تي آمريڪا ۾ ڪيس داخل آهي، يورپي يونين سميت ڪافي ملڪن هن کي تسليم نه ڪيو هو. هن ٻڌايو ته مادورو کي ڪافي اهم آڇون ڪيون پر هو جنگلي بڻجي ويو هو، آخري وقت تي سخت شرط رکيائين جيڪي صدر ٽرمپ قبول نه ڪيا.آپريشن جي ڪانگريس کان منظوري واري سوال تي هن چيو ته حالتون سخت هيون ان ۾ اڳواٽ منظوري لاءِ وقت نه هو، فارملٽي بعد ۾ پوري ڪري وٺنداسين. ان موقعي تي ٽاپ آمريڪي جنرل ڊين ڪين ٻڌايو ته آپريشن ايف 22 کان وٺي بي ون بامبر تائين 150 جهازن حصو ورتو، اسانکي ٽاسڪ مليو، اسان رٿابندي ڪئي ۽ بردباري سان ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته مقامي وقت موجب 2.01 منٽ تي اسين مادورو جي ڪمپائونڊ ۾ داخل ٿياسين، ڪوشش هئي ته ڪو نقصان نه ٿئي ۽ ائين ئي ٿيو. وينزويلا جي صدر حملن کان پوءِ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.  ايراني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته آمريڪي حملو جارحيت جي واضح مثال آهي. ان چيو آهي ته وينزويلا کي پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ خود اراديت جي حق جو دفاع ڪرڻ جو حق آهي. سلامتي ڪائونسل کي جارحيت کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. روس چيو آهي ته بين الاقوامي برادري هن حملي جي مذمت ڪندي. وينزويلا تي آمريڪي حملي جو ڪو به جواز ناهي. ڪيوبا پڻ آمريڪي حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته آمريڪا وينزويلا تي مجرمانه حملو ڪيو آهي. روس چيو آهي ته آمريڪا وينزويلا جي دفاعي هيڊ ڪوارٽر کي نشانو بڻايو آهي. ڪولمبيا جي صدر ٻڌايو آهي ته ڪاراڪاس تي ميزائل فائر ڪيا ويا آهن. صدر اهم ملڪيتن جي نشاندهي ڪئي جتي آمريڪا حملو ڪيو آهي. ڪولمبيا جي صدر وڌيڪ لکيو ته ڪاراڪاس ۾ صدارتي محل مير افلورس ۾ دفاعي منصوبو چالو ڪيو ويو آهي. ان جي وڏي حصي کي پاڻي کان محروم ڪيو ويو آهي. هڪ هيلي ڪاپٽر ذريعي بمباري ڪئي وئي. هوڏانهن صدر ٽرمپ پنهنجي ٽيم جي تعريف ڪندي چيو ته انهن هڪ ناقابل يقين ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته دنيا جو ڪو ٻيو ملڪ اهڙو ڪارنامو انجام نه ڏئي سگهيو هو. صدر ٽرمپ چيو ته ياديو ۽ سندس زال کي نيويارڪ منتقل ڪيو پيو وڃي. وينزويلا خلاف آمريڪي آپريشن پنهنجي فوجي طاقت، مهارت ۽ اعليٰ درجي جي هٿيارن ۽ دفاعي سامان سان ڪيو ويو. جيتوڻيڪ آمريڪا هن حملي کي انجام ڏئي سڀني بين الاقوامي اصولن، قاعدن ۽ گڏيل قومن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، پر اهو ثابت ڪيو آهي ته ان جي فوجي طاقت دنيا ۾ بهترين آهي. آمريڪا جي هن ڪارروائي هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا کي اهو احساس ڏياريو آهي ته دنيا جو ڪو به ٻيو ملڪ آمريڪا جي اهڙن ڪاررواين کي روڪڻ جي قابل ناهي. ان سان نه رڳو لاطيني آمريڪا جي صورتحال ۾ باهه لڳندي، پر هي ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز ٿي سگهي ٿي. آمريڪا اڳ ۾ پاناما جي صدر کي اهڙي طرح پنهنجي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو هو. مٿس فرد جرم لاڳو ڪيو ويو ۽ کيس جيل ۾ وڌو ويو. هن وقت، سيڪيورٽي ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن آمريڪا خلاف هڪ گڏيل موقف اختيار ڪري سگهجي، پر آمريڪا ان خلاف قرارداد کي ويٽو ڪندو. ان حوالي سان، لاطيني آمريڪا، روس، چين ۽ سعودي عرب کي آمريڪا تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته هو اهڙن ڪاررواين کان پاسو ڪري جن جي نتيجي ۾ عوام لاءِ مسئلا پيدا ٿين.

پهنجو تبصرو موڪليو